اسلام آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار کي مصري پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي ٽيليفون ڪئي ۽ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفي اسٽريٽجڪ دفاعي معاهدي تي گرمجوشي سان مبارڪباد ڏني. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جمعي ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان مصري پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه …
اسحاق ڊار کي مصري پرڏيهي وزير جي ٽيليفون، پاڪ-سعودي ٻطرفي اسٽريٽجڪ دفاعي معاهدي تي مبارڪباد

مزید خبریں
اسلام آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار کي مصري پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي ٽيليفون ڪئي ۽ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفي اسٽريٽجڪ دفاعي معاهدي تي گرمجوشي سان مبارڪباد ڏني. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جمعي ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان مصري پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڊاڪٽر بدر عبدالعطي پاڪستان ۽ سعودي عرب کي اسٽريٽجڪ دفاعي معاهدي تي صحيحن تي مبارڪباد ڏيندي ان کي مضبوط ڀائيواري، اعتماد ۽ تعاون طرف هڪ سنگ ميل قرار ڏنو. ٻنهي اڳواڻن مختلف علائقائي ۽ عالمي سطح تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ امن، استحڪام ۽ اقتصادي ترقي جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گهڻ طرفي تعاون لاءِ پنهنجي عزم کي ورجائيندي چيو ته اهي ايندڙ هفتي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي موقعي تي هڪ جامع ڳالهه ٻولهه لاءِ منتظر آهن.











