برطانيه جي دوري تي آيل آمريڪي صدر جي هيلي ڪاپٽر جي فني خرابي سبب هنگامي لينڊنگ

واشنگٽن-19 سيپٽمبر (اي پي پي) برطانيه جي دوري تي آيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي هيلي ڪاپٽر جي فني خرابي سبب هنگامي لينڊنگ ڪئي آهي، جڏهن ته ان واقعي ۾ ڪنهن جي فوت يا زخمي ٿيڻ جو ڪو به اطلاع ناهي مليو. پرڏيهي ميڊيا موجب وائيٽ هائوس مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ خاتون اول ميلانيا ٽرمپ کي کڻي ويندڙ هيلي ڪاپٽر ميرين …

واشنگٽن-19 سيپٽمبر (اي پي پي) برطانيه جي دوري تي آيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي هيلي ڪاپٽر جي فني خرابي سبب هنگامي لينڊنگ ڪئي آهي، جڏهن ته ان واقعي ۾ ڪنهن جي فوت يا زخمي ٿيڻ جو ڪو به اطلاع ناهي مليو. پرڏيهي ميڊيا موجب وائيٽ هائوس مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ خاتون اول ميلانيا ٽرمپ کي کڻي ويندڙ هيلي ڪاپٽر ميرين – ون چيڪرز کان اسٽينسٽڊ ايئرپورٽ طرف اڏام دوران معمولي هائيڊرولڪ خرابي کي منهن ڏيڻ بعد برطانيه جي مقامي ايئر فيلڊ تي غير طئي ٿيل لينڊنگ ڪئي.وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري ڪيرولين ليويٽ چيو ته هنگامي لينڊنگ انتهائي احتياط سان ڪئي وئي. هن تصديق ڪئي ته صدر ۽ خاتون اول کي حفاظت سان بيڪ اپ هيلي ڪاپٽر ۾ منتقل ڪيو ويو، جنهن کين اسٽينسٽڊ تائين پهچايو، جتي هو وطن واپسي لاءِ ايئر فورس ون ۾ سوار ٿي ويا. هنگامي لينڊنگ سبب آمريڪي صدر ۽ سندس گهرواريءَ اسٽينسٽڊ ۾ دير سان پهتا.

مزید خبریں