پيرس-19 سيپٽمبر (اي پي پي) فرانس ايران خلاف پابنديون ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. فرانس جي صدر ايمانويل ميڪرون پرڏيهي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان ايرانين طرفان جيڪي تازيون خبرون ٻڌي رهيا آهيون انهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ايراني سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪري رهيو آهي. برطانيه ، فرانس ۽ جرمني به 2015 ع ۾ ايراني ايٽمي پروگرام جي سلسلي ۾ …
فرانس پاران ايران خلاف پابنديون ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ بحال ڪرڻ جو اعلان

مزید خبریں
پيرس-19 سيپٽمبر (اي پي پي) فرانس ايران خلاف پابنديون ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. فرانس جي صدر ايمانويل ميڪرون پرڏيهي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان ايرانين طرفان جيڪي تازيون خبرون ٻڌي رهيا آهيون انهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ايراني سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪري رهيو آهي. برطانيه ، فرانس ۽ جرمني به 2015 ع ۾ ايراني ايٽمي پروگرام جي سلسلي ۾ ٿيل عالمي معاهدي تي صحيحون ڪندڙ 6 ملڪن ۾ شامل آهن . انهن ٽنهي تازو ايران اسرائيل جنگ کان پوءِ به ايران سان ٻيهر ايٽمي پروگرام تي ڳالهين تي راضپو ظاهر ڪيو هو پر ان سلسلي ۾ ٿيل ڳالهيون نتيجي جوڳيون ثابت نه ٿي سگهيون، جنهن بعد انهن يورپي ملڪن ڌمڪي ڏني ته 2015 ع جي معاهدي کان اڳ واري صورتحال واپس اچي سگهي ٿي ۽ ايران کي نئين سر عالمي پابندين کي منهن ڏيڻو پئجي سگهجي ٿو. فرانس جي صدر چيو ته ايران جي ايٽمي پروگرام جي حوالي سان فرانس جو موقف هميشه واضع رهيو آهي اسان جو ايران کان مطالبو به سڀني جي سامهون آهي. هن وڌيڪ چيو ته مان سمجهان ٿو ته اهو اسرائيل لاءِ به گهڻو اهم معاملو آهي. فرانسيسي صدر اهو به چيو ته اسان ايراني ايٽمي هٿيارن جي معاملي کي ڪڏهن به گهٽ خطري طور ناهي ڏٺو ، جيئن ته هاڻي ايراني بيلسٽڪ ميزائل به سامهون آيا آهن ۽ ايران طرفان خطي کي چيلنج به وڌي ويا آهن. هن جو چوڻ هو ته ايران ايٽمي پروگرام جي حوالي سان سندس ملڪ جو موقف يورپي پاليسي آهي. ان حوالي سان اسان پنهنجي برطانيا ۽ جرمني جي ساٿين سان گڏ ڪم ڪري چڪا آهيون . ايراني ڪمٽمنٽ سامهون نه اچڻ تي اسان سنيپ بيڪ ميڪانزم تحت ٻيهر ايران تي پابنديون لڳائينداسين.










