پناهگيرن جي آمد روڪڻ لاءِ فوج جي استعمال سميت هر ممڪن طريقو اختيار ڪريو: آمريڪي صدر جو برطانوي وزيراعظم کي مشورو

لنڊن-19 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هن برطانوي وزيراعظم ڪيئراسٽارمر کي ملڪ ۾ پناهگيرن کي روڪڻ جو مشورو ڏيندي چيو آهي ته ضرورت پوڻ تي ان لاءِ فوج استعمال ڪريو. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٻين ملڪن کان ماڻهو برطانيه اچي رهيا آهن ۽ مون برطانوي وزيراعظم کي چيو ته ان جي جاءِ تي آئون هجان ها …

لنڊن-19 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هن برطانوي وزيراعظم ڪيئراسٽارمر کي ملڪ ۾ پناهگيرن کي روڪڻ جو مشورو ڏيندي چيو آهي ته ضرورت پوڻ تي ان لاءِ فوج استعمال ڪريو. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٻين ملڪن کان ماڻهو برطانيه اچي رهيا آهن ۽ مون برطانوي وزيراعظم کي چيو ته ان جي جاءِ تي آئون هجان ها ته ان کي روڪي ڇڏيان ها. هن چيو ته غير قانوني پرڏيهين کي روڪڻ لاءِ اوهان کي فوج گهرائڻ سميت هر ممڪن طريقو اختيار ڪرڻ گهرجي. ان تي برطانوي وزيراعظم جواب ڏنو ته برطانيه جو فرانس سان هڪ اچي ۽ ٻيو وڃي وارو معاهدو اهم آهي، ۽ اهو ثابت ڪرڻ ضروري آهي ته اهو نظام ڪم ڪري سگهي ٿو، آمريڪي صدر سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران ڪيئر اسٽار مر چيو ته فرانس سان پناهگيرن جي واپسي جو معاهدو موثر بڻائڻ اهم آهي ته جيئن ملڪ ۾ غير قانوني پناهگيرن جي آمد تي ضابطو آڻي سگهجي. آمريڪي صدر چيو ته کيس برطانوي وزيراعظم کان فلسطين کي رياست طور تسليم ڪرڻ جي معاملي تي اختلاف آهي. حقيقت ۾ هي اسان جي وچ ۾ ڪجهه اختلافن مان هڪ آهي. ٻئي طرف برطانوي وزيراعظم چيو ته غزه ۾ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ امن جي روڊ ميپ جي ضرورت تي سندس ۽ ٽرمپ جو موقف هڪجهڙو آهي. هن چيو ته اسان ان ڳالهه تي پوري طرح متفق آهيون ته امن ۽ هڪ واضح روڊ ميپ جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته غزه جي صورتحال برداشت ڪرڻ جوڳي ناهي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري بابت وڏو معاهدو به ڪيو، معاهدي بابت عملدارن جو چوڻ آهي ته هي معاهدو هزارين نوڪريون پيدا ڪندو ۽ مصنوعي ذهانت  ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ ۽ ايٽمي توانائي جي شعبن ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪندو.

مزید خبریں