ايف آءِ اي اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل ڪوئيٽا جي ڪارروائي، ايجنٽ سميت 14 افغان شهري

گرفتار ڪوئيٽا-19 سيپٽمبر (اي پي پي) ايف آءِ اي اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل ڪوئيٽا  انساني اسمگلرن خلاف وڏي ڪارروائي ڪندي ايجنٽ اسد الله کي 14 افغان شهرين سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. ايف آءِ اي جي ترجمان موجب گرفتار ايجنٽ افغان شهرين جي غيرقانوني اسمگلنگ ۾ ملوث هو ۽ سندس موبائيل مان انساني اسمگلنگ سان لاڳاپيل تصويرون، پيغام ۽ ٻيا اهم ثبوت به هٿ آيا آهن. جوابدار ٻين ايجنٽن سان …

گرفتار

ڪوئيٽا-19 سيپٽمبر (اي پي پي) ايف آءِ اي اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل ڪوئيٽا  انساني اسمگلرن خلاف وڏي ڪارروائي ڪندي ايجنٽ اسد الله کي 14 افغان شهرين سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. ايف آءِ اي جي ترجمان موجب گرفتار ايجنٽ افغان شهرين جي غيرقانوني اسمگلنگ ۾ ملوث هو ۽ سندس موبائيل مان انساني اسمگلنگ سان لاڳاپيل تصويرون، پيغام ۽ ٻيا اهم ثبوت به هٿ آيا آهن. جوابدار ٻين ايجنٽن سان رابطي ۾ هو ۽ افغان شهرين کي غير قانوني طور تي پرڏيهي ملڪن ڏانهن موڪلڻ وارين سرگرمين ۾ سڌي ريت ملوث هو. ترجمان موجب گرفتار ايجنٽ ۽ افغان شهرين کي جاچ لاءِ حراست ۾ ورتو آهي جڏهن ته ٻين ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون جاري آهن.

مزید خبریں