ارومچي – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سنڪيانگ اسلامڪ انسٽيٽيوٽ جو دورو ڪيو. انسٽيٽيوٽ جي صدر مختيري سيفو صدر کي انسٽيٽيوٽ جي تعليمي ۽ تربيتي سرگرمين بابت بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ادارو مذهبي عالمن جي آبياري ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، انسٽيٽيوٽ جو مقصد مذهبي تعليم کي جديد علم سان هم آهنگ ڪري اهڙا شاگرد تيار ڪرڻ آهي جيڪي دين ۽ معاشري ٻنهي جي …
صدر آصف علي زرداري پاران سنڪيانگ اسلامڪ انسٽيٽيوٽ جو دورو

مزید خبریں
ارومچي – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سنڪيانگ اسلامڪ انسٽيٽيوٽ جو دورو ڪيو. انسٽيٽيوٽ جي صدر مختيري سيفو صدر کي انسٽيٽيوٽ جي تعليمي ۽ تربيتي سرگرمين بابت بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ادارو مذهبي عالمن جي آبياري ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، انسٽيٽيوٽ جو مقصد مذهبي تعليم کي جديد علم سان هم آهنگ ڪري اهڙا شاگرد تيار ڪرڻ آهي جيڪي دين ۽ معاشري ٻنهي جي خدمت ڪري سگهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر کي سنڪيانگ اسلامڪ انسٽيٽيوٽ جي دوري دوران ٻڌايو ويو ته انسٽيٽيوٽ ۾ قران، حديث، اسلامي فقه، عربي ۽ الهيات (عقائد اسلام)، تاريخ، ڪمپيوٽر جي تعيلم، اخلاقيات ۽ سائنس سميت چيني زبان، ديواني قانون ۽ علائقائي مذهبي پاليسين کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي. صدر کي ٻڌايو ويو ته انسٽيٽيوٽ جي مرڪزي ڪئمپس ۾ هڪ هزار شاگردن جي لاءِ گنجائش موجود آهي جڏهن ته ان جا ذيلي ادارا سنڪيانگ جي ٻين علائقن ۾ به قائم آهن. اداري ۾ مرڪزي مسجد، ڪتب خانه، ليڪچر هالز، ڪلاس رومز ۽ هاسٽل سميت جديد سهولتون دستياب آهن. شاگردن کي تعليم دوران وظيفا، رهائش ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وڃن ٿيون. سال 2001ع کان هيستائين انسٽيٽيوٽ مان 28 هزار کان وڌيڪ شاگرد تعليم پرائي چڪا آهن جيڪي مذهبي، تعليمي ۽ انتظامي شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. ادارو اسلامي اشاعتن جي ترجمن ۽ ڇپائي ۽ حج جي انتظامن پڻ مدد فراهم ڪري ٿو. صدر آصف علي زرداري انسٽيٽيوٽ جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ علمي ۽ ثقافتي رابطا ٻنهي ملڪن جي عوام کي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي سينيٽر سليم مانڊوي والا، پاڪستان جو چين ۾ سفير ۽ چين جو پاڪستان ۾ سفير پڻ موجود هئا.










