وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وفد جي ملاقات

اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان ڪشميري عوام جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب انهن جي جائز خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين، ڀرپور سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ آزاد ڄمون …

اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان ڪشميري عوام جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب انهن جي جائز خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين، ڀرپور سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير (اي جي ڪي) جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وفد ۾ آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جو اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر، آزاد ڪشمير جو اڳوڻو وزيراعظم راجا محمد فاروق حيدر خان ۽ قانونساز اسيمبلي جو ميمبر حامد رضا شامل هئا. وقتي صدر چيو ته ڪشمير سندس دل جي تمام ويجهو آهي. وزيراعظم جي پنهنجي دور جو حوالو ڏيندي هن انهن قدمن جو ذڪر ڪيو جيڪي سندس حڪومت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ کنيا هئا، جن ۾ يونيورسٽين، ميڊيڪل ڪاليجن جي لاءِ فنڊنگ ۽ بهتر رستن جو انفراسٽرڪچر شامل آهي. وفد ڏکڻ پنجاب ۾ تازي ٻوڏ جي نقصانن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ گذريل ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويل حريت ڪانفرنس جي چيئرمين ۽ ڪشميري اڳواڻ عبدالغني بٽ جي خدمتن کي ساراهيو ويو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ڪشمير جي تحريڪ جي لاءِ عبدالغني بٽ جي سڄي زندگي جي جدوجهد کي سدائين احترام سان ياد رکيو ويندو. هن مرحوم عبدالغني بٽ کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته سندس قربانيون ايندڙ نسلن جي لاءِ مشعل راهه آهن. وقتي صدر آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي اسپيڪر کي نومبر ۾ ٿيندڙ عالمي اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. هن ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران ڪيل ظلمن، آسيه اندرابي، ياسين ملڪ ۽ شبير شاهه جهڙن ناليوارن اڳواڻن سان اڻوڻندڙ سلوڪ جي مذمت ڪئي. هن واضح ڪيو ته پاڪستان عالمي فورمز تي ڪشمير جي تڪرار کي اٿاريندو رهندو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته مئي 2025ع ۾ ڀارت سان معرڪه حق دوران پاڪستان جي سول ۽ فوجي قيادت هڪ ائٽمي رياست هجڻ جي باوجود ذميواراڻو رويو اختيار ڪيو، جڏهن ته ڀارت پاران اشتعال انگيزي ۽ بي بنياد الزام هنيا ويا. هن ٻڌايو ته پاڪستان ڀارت سان غيرجانبداراڻي جاچ ڪرائڻ تي اتفاق ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، جنهن کي رد ڪيو ويو. ڀارت هڪطرفي طور تي سنڌ طاس معاهدو پڻ معطل ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ پاڪستان جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکيو، پر هن پوري عرصي ۾ تحمل جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي پوزيشن کي عالمي سطح تي صحي ثابت ڪيو ويو، ڇو ته اهو سچائي تي ٻڌل هو جڏهن ته ڀارت جي بيانيي کي عالمي سطح تي رد ڪيو ويو. وقتي صدر ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جو حل انتهائي ضروري آهي.

مزید خبریں