ارومچي – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چين جي شهر ارومچي جي اربن ڪوآپريشنز اينڊ مئنيجمينٽ سينٽر جو دورو ڪيو جتي ارومچي جي ميئر ۽ سنگيان جي نائب گورنر سندس آجيان ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ۽ سندس وفد کي ٻڌايو ويو ته سينٽر 30 کان وڌيڪ ادارن کي ڊيجيٽلي طور تي گڏائي شهرين کي 200 کان وڌيڪ خدمتون فراهم …
صدر آصف علي زرداري پاران چين جي شهر ارومچي جي اربن ڪوآپريشنز اينڊ مئنيجمينٽ سينٽر جو دورو

مزید خبریں
ارومچي – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چين جي شهر ارومچي جي اربن ڪوآپريشنز اينڊ مئنيجمينٽ سينٽر جو دورو ڪيو جتي ارومچي جي ميئر ۽ سنگيان جي نائب گورنر سندس آجيان ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ۽ سندس وفد کي ٻڌايو ويو ته سينٽر 30 کان وڌيڪ ادارن کي ڊيجيٽلي طور تي گڏائي شهرين کي 200 کان وڌيڪ خدمتون فراهم ڪري ٿو. مرڪز عوامي خدمتن جي لاءِ ون ونڊو حب جي طور تي ڪم ڪري ٿو. ان کانسواءِ سينٽر عوامي صحت، تعليم، روڊ سيفٽي، يوٽيلٽيز ۽ ايمرجنسي ريسپانس ۾ هم آهنگي فراهم ڪري ٿو. صدر آصف علي زرداري ڊيجيٽل پليٽ فارم ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ منصوباسازن جي ويزن کي ساراهيو. هن چيو ته شهر جي انتظام بابت اهڙي قسم جي سوچ پاڪستان جي لاءِ اهم سبق آهي. صدر ان اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جا شهري منصوباساز ان تجربي مان سکندا ۽ مقامي ضرورتن موجب نظام تيار ڪندا. ان موقعي تي سينيٽر سليم مانڊوي والا، چين ۾ پاڪستان جو سفير ۽ پاڪستان ۾ چين جو سفير موجود هئا.










