واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جي ايران جي زراعت واري وزير غلام رضا نوري سان ملاقات

تهران-18 سيپٽمبر (اي پي پي ) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ايران جي زراعت واري وزير غلام رضا نوري سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ جاري زرعي سهڪار کي اڳيان وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. واپار واري وزارت پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن زرعي سهڪار جي گڏيل ڪميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ گذريل …

تهران-18 سيپٽمبر (اي پي پي ) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ايران جي زراعت واري وزير غلام رضا نوري سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ جاري زرعي سهڪار کي اڳيان وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. واپار واري وزارت پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن زرعي سهڪار جي گڏيل ڪميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ گذريل مهيني پاڪستان جي قومي غذائي تحفظ واري وزير جي دوري جي دوران طئي ٿيل مفاهمت موجب زرعي مصنوعات جي آمدني واپار ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ايران جي زراعت واري وزارت ايندڙ ٻن هفتن ۾ هڪ اعليٰ سطح جو وفد پاڪستان روانو ڪندي ته جيئن ايران کي پاڪستان جي مڪئي جي برآمد جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏئي سگهجي. ڄام ڪمال خان پاڪستاني چانورن ۽ گوشت جو آمدني واپار وڌائڻ تي ايران جو شڪريو ادا ڪيو. ايران پاڪستان جي سيڊ ڪائونسل سان ٻجن جي واڌ ويجهه ۽ بيمارين خلاف مزاحمت وارن قسمن جي پيداوار جي باري ۾ گڏيل مطالعو شروع ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو جنهن جو مقصد ٻنهي ملڪن ۾ غذائي تحفظ ۽ زرعي جنسن جي شعبن کي مضبوط بڻائڻ آهي.

مزید خبریں