تڪليف جي هن وقت ۾ متحد ٿي ٻوڏ متاثرن جي خدمت ڪرڻي پوندي: عبدالعليم خان

ملتان-12 سيپٽمبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته تڪليف جي هن وقت ۾ سڀني کي متحد ٿي ٻوڏ متاثرن جي خدمت ڪرڻي پوندي. شهرين جي جان ۽ـ مال جي حفاظت پهرين ترجيح آهي. اهڙو اظهار هن جلال پور پير والا ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جي دؤري دوران ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير گيلاني هاءِ وي تي بريچنگ پوائنٽ ۽ جلال پور پير والا جي عارضي …

ملتان-12 سيپٽمبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته تڪليف جي هن وقت ۾ سڀني کي متحد ٿي ٻوڏ متاثرن جي خدمت ڪرڻي پوندي. شهرين جي جان ۽ـ مال جي حفاظت پهرين ترجيح آهي. اهڙو اظهار هن جلال پور پير والا ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جي دؤري دوران ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير گيلاني هاءِ وي تي بريچنگ پوائنٽ ۽ جلال پور پير والا جي عارضي بند جو جائزو ورتو. انتظاميه کيس موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏيندي ريسڪيو ۽ رليف جي ڪمن بابت آگاهه ڪيو. عبدالعليم خان چيو ته اين ايڇ اي تيار رهي ۽ انتظاميه سان ويجهو رابطو رکي. شهرين جي حفاظت لاءِ اين ايڇ اي بند ٽوڙڻ جو وقت سر فيصلو ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ٻوڏ واري صورتحال غير متوقع هئي، سمورا ادارا آن بورڊ آهن، ڏُکئي وقت ۾ سڀني کي متحد ٿيڻو پوندو. بعد ۾ وفاقي وزير گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ۾ قائم عارضي خيما ڳوٺ جو وزٽ ڪيو ۽ متاثرن لاءِ رليف سرگرمين جو جائزو ورتو.