اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني وطن جي بهادر پٽ ۽ نشان حيدر ماڻيندڙ عظيم هيرو جي ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ کيس زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته ميجر عزيز ڀٽي شيهد پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪري ملڪ جي دفاع جي تاريخ ۾ اهڙو روشن باب رقم ڪيو جنهن کي قوم ڪڏهن به وساري نٿي سگهي. سينيٽ چيئرمين …
سينيٽ چيئرمين پاران ميجر عزيز ڀٽي شهيد(نشانِ حيدر) کي خراج عقيدت پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني وطن جي بهادر پٽ ۽ نشان حيدر ماڻيندڙ عظيم هيرو جي ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ کيس زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته ميجر عزيز ڀٽي شيهد پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪري ملڪ جي دفاع جي تاريخ ۾ اهڙو روشن باب رقم ڪيو جنهن کي قوم ڪڏهن به وساري نٿي سگهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته ميجر عزيز ڀٽي شهيد جنهن جرئت، استقامت ۽ شجاعت سان دشمن جو مقابلو ڪيو اهو پاڪ فوج جي شان ۽ وقار ۽ عظيم قربانين جو روشن مثال آهي. هن دشمن جي ارادن کي ناڪام بڻائي اهو ثابت ڪيو ته وطن جا محافظ هر حال ۾ ملڪ جي سرحدن جي دفاع لاءِ شيهي جي ديوار وانگر بيٺل آهن. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان جي شهيدن جون لازوال قربانيون قومي تاريخ جو سنهري باب آهن ۽ اهي قربانيون هميشه ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راهه بڻجنديون رهنديون. سينيٽ چيئرمين چيو ته اڄوڪو ڏينهن ان عهد جي تجديد جو ڏينهن آهي ته اسان پنهنجي شهيدن جي قربانين کي رائيگان نه وڃڻ ڏينداسين ۽ پاڪستان جي سالميت، دفاع ۽ ترقي لاءِ ڪنهن به قرباني کان پاسو نه ڪنداسين.











