ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي پاران 1965ع جي جنگ جي هيرو ميجر عزيز ڀٽي  شهيد کي زبردست خراج عقيدت پيش

اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي 1965ع جي جنگ جي هيرو ميجر عزيز ڀٽي شهيد کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ميجر عزيز ڀٽي لاهور جو شينهن هو جنهن دشمن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. پنهنجي بيان ۾ ريلوي واري وزير چيو ته ميجر عزيز ڀٽي شهيد جي بهادري اڄ به پاڪ فوج جي جوانن لاءِ مشعل …

اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي 1965ع جي جنگ جي هيرو ميجر عزيز ڀٽي شهيد کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ميجر عزيز ڀٽي لاهور جو شينهن هو جنهن دشمن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. پنهنجي بيان ۾ ريلوي واري وزير چيو ته ميجر عزيز ڀٽي شهيد جي بهادري اڄ به پاڪ فوج جي جوانن لاءِ مشعل راهه آهي. هن چيو ته شهيد پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي جنهن بهادري جي تاريخ رقم ڪئي، ان جو نئون باب ميجر عدنان پنهنجي جرئت سان اڳتي وڌايو. وفاقي وزير چيو ته ميجر عزيز ڀٽي کان ميجر عدنان تائين اسان جي جانبازن هميشه ملڪ جو دفاع ڪيو آهي. پاڪ فوج جي جوانن پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي پاڪستان جي حفاظت ڪئي ۽ شهيدن جون قربانيون ئي اصل پاڪستان جي ڪهاڻي آهن.