لاهور-12 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته ميجر عزيز ڀٽي شهيد جي جرئت ۽ بهادري مڪار دشمن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي، شهادت جو رتبو ماڻيو، سندس جرئت ۽ وطن سان محبت جو داستان تاريخ ۾ سنهري لفظن ۾ لکي وئي آهي. هن پنهنجي رت سان وفا جي اها داستان لکي آهي جيڪا تاريخ جي سيني تي نقش ٿي چڪي آهي. محسن …
ميجر عزيز ڀٽي شهيد جي بهادري دشمن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملايو: محسن نقوي

مزید خبریں
لاهور-12 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته ميجر عزيز ڀٽي شهيد جي جرئت ۽ بهادري مڪار دشمن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي، شهادت جو رتبو ماڻيو، سندس جرئت ۽ وطن سان محبت جو داستان تاريخ ۾ سنهري لفظن ۾ لکي وئي آهي. هن پنهنجي رت سان وفا جي اها داستان لکي آهي جيڪا تاريخ جي سيني تي نقش ٿي چڪي آهي. محسن نقوي وڌيڪ چيو ته قوم ان عظيم سپاهي کي سلام پيش ڪري ٿي جيڪو هميشه لاءِ امر ٿي ويو آهي. لاهور تي دشمن جي يلغار سامهون شيهي جي ڀت وانگر بيٺل بهادر آفيسر اڄ به قوم جي دلين ۾ زنده آهن. گهرو وزير چيو ته ميجر عزيز ڀٽي شهيد لاهور جي هوائن ۾ بهادري جو نئون داستان لکيو، هو دشمن اڳيان مضبوط جبل وانگر بيٺل رهيو، سندس دليري، مزاحمت، شجاعت دشمن لاءِ صدين جو سبق آهي.











