راولپنڊي-12 سيپٽمبر (اي پي پي) ملٽري لينڊز اينڊ ڪنٽونمنيٽس ڊپارٽمينٽ سڄي ملڪ جي 44 ڪنٽونمينٽ بورڊز ۾ صحت جي جديد سهولتن جي فراهمي لاءِ هيلٿ پاليسي 2025ع متعارف ڪرائي ڇڏي آهي. اهو منصوبو دفاع واري سيڪريٽري ليفٽيننٽ جنرل (ر) محمد علي هلال امتياز (ملٽري) جي قيادت ۾ ڊي جي ايم ايل اينڊ سي ميجر جنرل عرفان احمد ملڪ هلال امتياز (ملٽري) جي ويزن تحت تيار ڪيو ويو آهي. ڪينٽ بورڊ …
ملڪ جي 44 ڪنٽونمينٽ بورڊز ۾ صحت جي جديد سهولتن جي فراهمي لاءِ هيلٿ پاليسي 2025ع متعارف ڪرائي وئي

مزید خبریں
راولپنڊي-12 سيپٽمبر (اي پي پي) ملٽري لينڊز اينڊ ڪنٽونمنيٽس ڊپارٽمينٽ سڄي ملڪ جي 44 ڪنٽونمينٽ بورڊز ۾ صحت جي جديد سهولتن جي فراهمي لاءِ هيلٿ پاليسي 2025ع متعارف ڪرائي ڇڏي آهي. اهو منصوبو دفاع واري سيڪريٽري ليفٽيننٽ جنرل (ر) محمد علي هلال امتياز (ملٽري) جي قيادت ۾ ڊي جي ايم ايل اينڊ سي ميجر جنرل عرفان احمد ملڪ هلال امتياز (ملٽري) جي ويزن تحت تيار ڪيو ويو آهي. ڪينٽ بورڊ جي ترجمان موجب پاليسي دستاويز ڊائريڪٽر ڪنٽونمينٽ ايڊمنسٽرين راڻا خليل جي ڪوششن سان تيار ڪئي وئي آهي جنهن جو مقصد هيٺين سطح تي صحت جي سهولتن کي نئون معيار ڏيڻ آهي. ان منصوبي ذريعي نه رڳو طبي عملي کي بااختيار بڻايو ويندو پر عوام کي معياري طبي سهولتن جي يقيني فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. ترجمان موجب هيلٿ پاليسي 2025ع ٽن وڏن شعبن تي فوڪس ڪندي جن ۾ صحت جي انفرا اسٽرڪچر کي جديد گهرجن موجب اپ گريڊ آهي، پاليسي ۾ مقامي برادري جي شموليت تي به زور ڀريو ويو آهي ته جيئن عوامي اعتماد قائم ٿئي ۽ سهولتون انهن جي ضرورتن موجب فراهم ڪري سگهجن. عملدارن موجب اها پاليسي هڪ انقلابي قدم آهي جنهن سان هڪجهڙي، قابل اعتماد ۽ جديد طبي سهولتن تائين رسائي ممڪن ٿيندي. هي قدم ملٽري لينڊز اينڊ ڪنٽونمنٽس ڊپارٽمينٽ جي عوامي خدمتن جي اعليٰ معيار ۽ صحت مند، بااختيار ڪنٽونمنٽ ڪميونٽيز جي قيام جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.











