سنگاپور پاران پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ 50 هزار ڊالر امداد جو اعلان

سنگاپور-12 سيپٽمبر (اي پي پي)  سنگاپور پاڪستان ۾ هاڻوڪي تباهي پکيڙيندڙ ٻوڏ متاثرن لاءِ 50 هزار آمريڪي ڊالر جي انساني همدردي تي ٻَڌل امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. اها امداد ٻوڏ متاثر خاندانن ۽ ڪميونٽرز جي بحالي ۽ رليف سرگرمين ۾ معاونت لاءِ فراهم ڪئي ويندي. سنگاپور جي پرڏيهي وزارت موجب حڪومت طرفان اها رقم ”سنگارپور ريڊ ڪراس“ جي فنڊ ريزنگ مهم لاءِ سيڊ مني طور ڏني ويندي جيڪا …

سنگاپور-12 سيپٽمبر (اي پي پي)  سنگاپور پاڪستان ۾ هاڻوڪي تباهي پکيڙيندڙ ٻوڏ متاثرن لاءِ 50 هزار آمريڪي ڊالر جي انساني همدردي تي ٻَڌل امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. اها امداد ٻوڏ متاثر خاندانن ۽ ڪميونٽرز جي بحالي ۽ رليف سرگرمين ۾ معاونت لاءِ فراهم ڪئي ويندي. سنگاپور جي پرڏيهي وزارت موجب حڪومت طرفان اها رقم ”سنگارپور ريڊ ڪراس“ جي فنڊ ريزنگ مهم لاءِ سيڊ مني طور ڏني ويندي جيڪا گذريل هفتي پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ شروع ڪئي وئي هئي. ايس آر سي پاڻ به 50 هزار سنگاپورين ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي ته جيئن فوري انساني ضرورتون پوريون ڪري سگهجن. پرڏيهي وزارت چيو ته سنگاپور حڪومت جي ڀائيواري ايس آر سي جي 50 هزار سنگارپورين ڊالر جي عهد کي وڌيڪ هٿي ڏيندو ته جيئن متاثر ماڻهن جي فوري ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي. پرڏيهي وزارت وڌيڪ چيو ته سنگاپور متاثر ڪٽنبن سان گهري همدردي جو اظهار ڪري ٿي.

مزید خبریں