اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان برطانيا جي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب هاءِ ڪمشنر ٻوڏ ۽ سانوڻي جي برسات جي جاري تباهي جي اثرن تي برطانيا پاران پاڪستان سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان حڪومت، نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي سان هم آهنگي ۾ 3 ملين پائونڊ …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان برطانيا جي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ جي مُلاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان برطانيا جي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب هاءِ ڪمشنر ٻوڏ ۽ سانوڻي جي برسات جي جاري تباهي جي اثرن تي برطانيا پاران پاڪستان سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان حڪومت، نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي سان هم آهنگي ۾ 3 ملين پائونڊ ايمرجنسي ريليف ۽ ريسپانس سان وڌيڪ انساني مدد ڏني پئي وڃي. جڏهن ته وڌيڪ انساني مدد پڻ فراهم ڪئي پئي وڃي. نائب وزيراعظم برطانيا جي وقت سر عزم کي ساراهيندي تباهي جي پئماني ۽ وقت جي فوري ضرورتن بابت پڻ برطانيا جي سمجهه ۽ امداد ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ سندن يڪجهتي تي ٿورا مڃيا. هن ٻطرفي لاڳاپن، اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي اهميت ۽ تازي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.











