اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام ريفارمز بابت اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ پاڪستان جي ڊيجيٽل معيشت جي ترقي کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ڪانسٽيوٽي وڌائڻ، جدت کي فروغ ڏيڻ ۽ سازگار ڪاروباري ماحول پيدا ڪرڻ جي قدمن جو جائزو ورتو ويو. …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي صدارت ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام ريفارمز بابت اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام ريفارمز بابت اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ پاڪستان جي ڊيجيٽل معيشت جي ترقي کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ڪانسٽيوٽي وڌائڻ، جدت کي فروغ ڏيڻ ۽ سازگار ڪاروباري ماحول پيدا ڪرڻ جي قدمن جو جائزو ورتو ويو. نائب وزيراعظم پاڪستان جي مڪمل ڊيجيٽل صلاحيت کي کولڻ جي لاءِ عالمي بهترين طريقن سان سڌارن کي هم آهنگ ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير، وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار ايم طارق باجوه ۽ اين سي ايس آءِ ايف سي کانسواءِ آءِ ٽي، ڪامرس، نجڪاري ۽ قانون وارن سيڪريٽرين کانسواءِ لاڳاپيل ادارن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.











