وزيراعظم پاران ٻوڏ دوران امدادي ڪاررواين جي حوالي سان صوبائي قيادت جي قدمن جي واکاڻ

اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ دوران امدادي ڪاررواين جي حوالي سان پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف خيبرپختونخواهه، سنڌ، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي قيادت جي قدمن کي ساراهيو آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف جي ٻوڏ دوران امدادي ڪاررواين جي حوالي سان ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. …

اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ دوران امدادي ڪاررواين جي حوالي سان پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف خيبرپختونخواهه، سنڌ، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي قيادت جي قدمن کي ساراهيو آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف جي ٻوڏ دوران امدادي ڪاررواين جي حوالي سان ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. ان سان گڏوگڏ خيبرپختونخواهه، سنڌ، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي قيادت جي اڻٿڪ محنت به ساراهه جوڳي آهي. هن چيو ته هن قدرتي آفتن جي ڪري بي پناهه مسئلن ۽ چئلينجن جنم ورتو آهي پوءِ به اسان جي آبادگارن، مزدورن، عورتن ۽ ٻارن غيرمعمولي همٿ جو مظاهرو ڪيو آهي. پاڪستاني قوم مصيبت کان ناهي گهٻرائيندي. وزيراعظم چيو ته هن اين ڊي ايم اي ۽ موسمياتي تبديلي واري وزارت سميت سمورن لاڳاپيل وفاقي ادارن کي به هنگامي صورتحال ۾ مڪمل تعاون فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.

مزید خبریں