ڊالڊا فائونڊيشن ٽرسٽ پاران تعليمي سال 2025-26 لاءِ مڪمل فنڊڊ اسڪالرشپ پروگرام جو اعلان

اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) ڊالڊا فائونڊيشن ٽرسٽ تعليمي سال 2025-26 لاءِ پنهنجي مڪمل فنڊڊ اسڪالرشپ پروگرام جو اعلان ڪيو آهي. اها اسڪالرشپ پُوري پاڪستان جي مستحق ۽ باصلاحيت شاگردن لاءِ دستياب آهي، جنهن جو مقصد مالي مشڪلاتن جي باوجود اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ آهي. هن اسڪالرشپ وسيلي شاگردن کي ٽيوشن فيس، ماهوار وظيفو ۽ هاسٽل فيس جي مڪمل ادائيگي ڪئي ويندي. درخواست ڏيڻ …

اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) ڊالڊا فائونڊيشن ٽرسٽ تعليمي سال 2025-26 لاءِ پنهنجي مڪمل فنڊڊ اسڪالرشپ پروگرام جو اعلان ڪيو آهي. اها اسڪالرشپ پُوري پاڪستان جي مستحق ۽ باصلاحيت شاگردن لاءِ دستياب آهي، جنهن جو مقصد مالي مشڪلاتن جي باوجود اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ آهي. هن اسڪالرشپ وسيلي شاگردن کي ٽيوشن فيس، ماهوار وظيفو ۽ هاسٽل فيس جي مڪمل ادائيگي ڪئي ويندي. درخواست ڏيڻ جي آخري تاريخ 15 آڪٽوبر مقرر ڪئي وئي آهي. اهي شاگرد جن تازو ميٽرڪ جو امتحان سٺن نمبرن سان پاس ڪيو آهي اهي اسڪالرشپ لاءِ اهل هوندا. مختلف شعبن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ مارڪن جو معيار پڻ مقرر ڪيو ويو آهي.  پري انجنيئرنگ ۽ پري ميڊيڪل لاءِ 80 سيڪڙو يا وڌيڪ مارڪُون کڻندڙ هِن اسڪالرشپ لاءِ اهل آهن. درخواست ڏيندڙن جي عمر 20 آگسٽ 2025ع تي 19 سالن کان گهٽ هجڻ گهرجي ۽ انهن جي سنڀاليندڙ جي ماهوار آمدني 50,000 رپين کان وڌيڪ نه هجڻ گهرجي. صرف سرڪاري ڪاليجن ۾ پڙهندڙ شاگرد ئي هن پروگرام لاءِ اهل هوندا. درخواستون آن لائن جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. وڌيڪ معلومات ويب سائيٽ www.scholarshipunion.com تي موجود آهي.

مزید خبریں