اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چين جي دوري تي روانو ٿي ويو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدارتي ترجمان چيو ته صدر چيني حڪومت جي دعوت تي چين جو دورو ڪري رهيو آهي. ترجمان چيو ته صدر 12 کان 21 سيپٽمبر تائين چين جي مختلف حصن جو دورو ڪندو، ۽ چينگدو، شنگھائي ۽ سنڪيانگ ۾ صوبائي قيادت …
صدر آصف علي زرداري چين جي دوري لاءِ روانو

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چين جي دوري تي روانو ٿي ويو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدارتي ترجمان چيو ته صدر چيني حڪومت جي دعوت تي چين جو دورو ڪري رهيو آهي. ترجمان چيو ته صدر 12 کان 21 سيپٽمبر تائين چين جي مختلف حصن جو دورو ڪندو، ۽ چينگدو، شنگھائي ۽ سنڪيانگ ۾ صوبائي قيادت سان ملاقاتون ڪندو. هن چيو ته ان دوري سان پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط ٿيندي. صدر جو دورو خطي ۾ امن، ترقي ۽ استحڪام لاءِ سندس عزم جو عڪاس آهي. ترجمان چيو ته دوري دوران پاڪستان-چين لاڳاپن ۽ اقتصادي ۽ واپاري تعاون تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. دوري دوران سي پيڪ ۽ مستقبل جي رابطن جا منصوبا غور هيٺ ايندا.











