اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري تازي ٻوڏ ۾ سخت متاثر ٿيندڙ ڏکڻ پنجاب جي ماڻهن سان دلي همدردي ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر هزارين ماڻهن کي درپيش وڏين مشڪلاتن جو ذڪر ڪيو جيڪي پنهنجن گهرن مان بي گهر ٿيا آهن ۽ جن جو روزگار ٻوڏ سبب سخت متاثر ٿيو آهي. هن قوم کي يقين ڏياريو …
صدر پاران تازي ٻوڏ ۾ سخت متاثر ٿيندڙ ڏکڻ پنجاب جي ماڻهن سان همدردي ۽ يڪجهتي جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري تازي ٻوڏ ۾ سخت متاثر ٿيندڙ ڏکڻ پنجاب جي ماڻهن سان دلي همدردي ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر هزارين ماڻهن کي درپيش وڏين مشڪلاتن جو ذڪر ڪيو جيڪي پنهنجن گهرن مان بي گهر ٿيا آهن ۽ جن جو روزگار ٻوڏ سبب سخت متاثر ٿيو آهي. هن قوم کي يقين ڏياريو ته حڪومت هن نازڪ وقت ۾ ٻوڏ متاثر ماڻهن سان گڏ بيٺل آهي. صدر چيو ته ريسڪيو، امداد ۽ بحالي جون ڪارروايون صوبائي اختيارين، هٿياربند فوج ۽ انساني همدردي لاءِ ڪم ڪندڙن جي تنظيمن جي ويجهي هم آهنگي سان جاري آهن ته جيئن ضورتمندن کي ضروري امداد فراهم ڪري سگهجي. حڪومت زراعت ۽ چوپائي مال جي وڏي نقصان کي نظر ۾ رکندي بلاول ڀٽو زرداري جي درخواست تي عمل ڪندي ملڪ ۾ زرعي ايمرجنسي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان اهم قدم جو مقصد آبادگارن جو تحفظ، خوراڪ جي حفاظت ۽ زرعي شعبي جي تيزي سان بحالي کي يقيني بڻائڻ آهي. صدر آصف علي زرداري شهرين تي زور ڏنو ته اهي متحد ۽ هوشيار رهڻ سان گڏوگڏ جاري امدادي ڪوششن جي حمايت ڪن. هن اعتماد جو اظهار ڪيو ته حڪومت متاثر علائقن جي فوري ضرورتن ۽ ڊگهي مدت جي بحالي لاءِ سڀني ضروري وسيلن جي فراهمي جاري رکندي.











