اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري انفارميشن گروپ جي اڳوڻي سينئر آفيسر اختر منير کي فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن (ايف پي ايس سي) جو ميمبر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ڪابينا ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اها مقرري پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 242 ۽ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن آرڊيننس 1977ع جي لاڳاپيل شقن جي تحت ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي …
صدر پاران انفارميشن گروپ جو اڳوڻو سينئر آفيسر اختر منير ايف پي ايس سي جو ميمبر مقرر

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري انفارميشن گروپ جي اڳوڻي سينئر آفيسر اختر منير کي فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن (ايف پي ايس سي) جو ميمبر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ڪابينا ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اها مقرري پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 242 ۽ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن آرڊيننس 1977ع جي لاڳاپيل شقن جي تحت ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته انفارميشن گروپ جي گريڊ 21 جي رٽائرڊ آفيسر اختر منير کي ٽن سالن جي عرصي لاءِ يا 65 سالن جي عمر تائين، جيڪو به مُدو اڳ ۾ پُورو ٿئي تائين فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي.











