صدر آصف علي زرداري ميجر عدنان اسلم شهيد ۽ ميجر سيد معيز عباس شهيد جي گهر ويو، گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار

اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ميجر عدنان اسلم شهيد ۽ ميجر سيد معيز عباس شهيد جي گهرن جو دورو ڪيو ۽ شهيدن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ميجر عدنان اسلم شهيد ۽ ميجر سيد معيز عباس شاهه شهيد جي گهرن جو دورو ڪيو. ميجر عدنان اسلم بنون ۾ …

اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ميجر عدنان اسلم شهيد ۽ ميجر سيد معيز عباس شهيد جي گهرن جو دورو ڪيو ۽ شهيدن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ميجر عدنان اسلم شهيد ۽ ميجر سيد معيز عباس شاهه شهيد جي گهرن جو دورو ڪيو. ميجر عدنان اسلم بنون ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ زخمي ٿيڻ کانپوءِ شهيد ٿيو جڏهن ته ميجر سيد معيز عباس شاهه ڏکڻ وزيرستان ۾ انٽيلي جنس آپريشن دوران شهيد ٿيو. ٻئي آفيسر ڀارتي سرپرستي ۾ هلندڙ فتنه الخوارج جي خلاف بهادري سان وڙهندي شهيد ٿيا. صدر شهيدن جي جرئت، قيادت ۽ حب الوطني کي خراج تحسين پيش ڪيو. صدر چيو ته شهيدن جون قربانيون اعليٰ ترين روايتن جون عڪاس آهن، پاڪستان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي. صدر شهيدن جي درجن جي بلنديءَ ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.