گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان يو اي اي جي نيشنل اينٽي نارڪوٽڪس اٿارٽي جي چيئرمين جي ملاقات

اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان گڏيل عرب امارتن (يو اي اي) جي نيشنل اينٽي نارڪوٽڪس اٿارٽي جي چيئرمين شيخ زيد بن حماد بن حمدان النيهان گهرو وزارت ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ منشيات جي خاتمي سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يو اي اي منشيات جي خاتمي جي حوالي سان …

اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان گڏيل عرب امارتن (يو اي اي) جي نيشنل اينٽي نارڪوٽڪس اٿارٽي جي چيئرمين شيخ زيد بن حماد بن حمدان النيهان گهرو وزارت ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ منشيات جي خاتمي سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يو اي اي منشيات جي خاتمي جي حوالي سان تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. پاڪستان طرفان اي اين ايف جي ڊي جي ميجر جنرل عبدالمعيد جڏهن ته يو اي اي طرفان برگيڊيئر طاهر غريب کي رابطا آفيسر مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته جيئن عملي سطح تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ جامع تعاون کي يقيني بڻائي سگهجي. وفاقي وزير محسن نقوي گڏيل عرب امارتن ۾ نيشنل اينٽي نارڪوٽڪس اٿارٽي جي قيام کي ساراهيندي شيخ زيد بن حماد بن حمدان النيهان کي اٿارٽي جو پهريون چيئرمين بڻجڻ تي مبارڪون ڏنيون. هن چيو ته ان اٿارٽي جي قيام سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ منشيات جي خاتمي واري شعبي ۾ تعاون وڌيڪ مضبوط ٿيندو. محسن نقوي چيو ته پاڪستان منشيات خلاف جنگ ۾ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ مڪروه ڪاروبار ۾ ملوث ڌرين خلاف سختي سان منهن ڏنو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته متحده عرب امارتن ۾ منشيات جي خاتمي جي ڪاررواين ۾ 400 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته 5 ٽن منشيات پڪڙي وئي جيڪا وقت سر معلومات جي مٽاسٽا ۽ گڏيل ڪوششن سان ممڪن ٿيو. وفاقي وزير اعتراف ڪيو ته هاڻوڪي عرصي ۾ سنٿيٽڪ ڊرگز جي اسمگلنگ ۾ اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته ان مافيا خلاف ڀرپور ڪريڪ ڊائون جاري آهي. هن چيو ته منشيات خلاف جنگ اصل ۾ اسان جي نسلن جي تحفظ جي جنگ آهي ۽ ان ۾ هار جو ڪو به آپشن ناهي. شيخ زيد بن حماد بن حمدان النيهان پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته يو اي اي منشيات جي خاتمي جي سلسلي ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندو. هن جو چوڻ هو ته گڏيل سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي اسان ايندڙ نسلن کي منشيات کان پاڪ روشن مستقبل ڏئي سگهون ٿا. ان موقعي تي يو اي اي جو اعليٰ سطحي وفد به موجود هو جنهن ۾ برگيڊيئر طاهر غريب، برگيڊيئر عمر خلفان، برگيڊيئر خالد علي، برگيڊيئر ابراهيم جاسم، برگيڊيئر ماجد سلطان ۽ ٻيا شامل هئا.پاڪستان طرفان گهرو معاملن وارو مملڪتي وزير طلال چوڌري، گهرو معاملن وارو وفاقي سيڪريٽري، گهرو معاملن وارو اسپيشل سيڪريٽري، ايڊيشنل سيڪريٽريز، ڊي جي اينٽي نارڪوٽڪس فورس ۽ ٻيا سينئر عملدار به موجود هئا.