اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڪي پي ڪي ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته آپريشنز دوران 18 خوارجي دهشتگردن کي ماريو ويو آهي جيڪو سيڪيورٽي فورسز جي اعليٰ پيشيوراڻي صلاحيت جو اهڃاڻ آهي. محسن نقوي چيو ته پاڪستان جي بهادر سيڪيورٽي فورسز ڀارتي پراڪسي …
ڪي پي ڪي ۾ ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشنز، گهرو وزير پاران سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڪي پي ڪي ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته آپريشنز دوران 18 خوارجي دهشتگردن کي ماريو ويو آهي جيڪو سيڪيورٽي فورسز جي اعليٰ پيشيوراڻي صلاحيت جو اهڃاڻ آهي. محسن نقوي چيو ته پاڪستان جي بهادر سيڪيورٽي فورسز ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج جي ناپاڪ عزمن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. هن چيو ته قوم کي پنهنجي فورسز تي ناز آهي ۽ عوام سيڪيورٽي فورسز سان شيهي جي ڀت وانگر گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن خلاف نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن ۽ انهن جي قربانين کي قوم قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. گهرو وزير عزم ظاهر ڪيو ته انشاءَ الله عوام جي ڀرپور حمايت سان ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو.











