اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل انڊسٽريل رليشن ڪميشن جي چيئرمين جسٽس (ر) شوڪت عزيز صديقي اي پي پي ايمپلائيز يونين اليڪشن 2025ع کي ڪالعدم قرار ڏيندي رجسٽرار اين آءِ آر سي کي ووٽر لسٽن جي آڊٽ کان پوءِ چونڊ عمل 30 آڪٽوبر تائين مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. فاضل جج پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته اليڪشن شيڊول جاري ٿيڻ کانپوءِ ووٽر لسٽ ۾ نه ته نالو …
اي پي پي ايمپلائيز يونين اليڪشن 2025ع ڪالعدم قرار، رجسٽرار کي چونڊ عمل 30 آڪٽوبر تائين مڪمل ڪرڻ جو حڪم

مزید خبریں
اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل انڊسٽريل رليشن ڪميشن جي چيئرمين جسٽس (ر) شوڪت عزيز صديقي اي پي پي ايمپلائيز يونين اليڪشن 2025ع کي ڪالعدم قرار ڏيندي رجسٽرار اين آءِ آر سي کي ووٽر لسٽن جي آڊٽ کان پوءِ چونڊ عمل 30 آڪٽوبر تائين مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. فاضل جج پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته اليڪشن شيڊول جاري ٿيڻ کانپوءِ ووٽر لسٽ ۾ نه ته نالو شامل ڪري سگهجي ٿو ۽ نه ئي وري ڪڍي سگهجي ٿو. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان عام چونڊن ۾ به ائين نٿو ڪري سگهي. چيئرمين اين آءِ آر سي جسٽس (ر) شوڪت عزيز صديقي جي سربراهيءَ ۾ اين آءِ آر سي جي ميمبر سراج السلام ۽ منور حسين تي ٻَڌل 3 رڪني بينچ خضر زمان ملڪ جي درخواست تي اي پي پي ايمپلائيز يونين ڪيس جي باقائدي ٻُڌڻيءَ جي شروعات ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل چوڌري صغير، جڏهن ته اي پي پي طرفان حسين حيدر عدالت آڏو پيش ٿيا. اي پي پي ايمپلائز يونين طرفان وڪيل جا دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ فاضل جج پنهنجي لکت واري فيصلي ۾ قرار ڏنو ته اي پي پي ايمپلائز يونين جي اليڪشن 2025ع جو بندوبست اين آءِ آر سي جي مجاز آفيسر مدد علي شاهه ڪرايو هو، ان ۾ شفافيت نه هئي. مجاز آفيسر اليڪشن شيڊول جاري ڪرڻ کانپوءِ نه صرف حتمي فهرست مان 24 ووٽر جا نالا ڪڍيا پر 3 ووٽرز کي ووٽ پول ڪرڻ جي اجازت ڏني. مجاز آفيسر کي ان جو بلڪل به اختيار نه هو. فاضل جج پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته رجسٽرار اين آءِ آر سي سڀ کان پهرين اي پي پي ووٽر لسٽ جو آڊٽ مڪمل ڪندو ان کان پوءِ سمورن گروپن جي مشاورت سان چونڊ شيڊول جاري ٿيندو، جڏهن ته هي سمورو عمل 30 آڪٽوبر تائين مڪمل ٿيڻ گهرجي.











