اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي هڪ ڏينهن جي دوري کانپوءِ وطن پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دوحا ۾ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله …
وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪري وطن پهچي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي هڪ ڏينهن جي دوري کانپوءِ وطن پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دوحا ۾ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ وزيراعظم دوحا تي بنا جواز اسرائيلي جارحيت ۽ عالمي قانونن جي مُڪمل طور تي خلاف حملي جي ڏس ۾ قطر جي امير ۽ قطر جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم قطر ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پراڻي تاريخي ڀائراڻي لاڳاپن جو ذڪر ڪيو جيڪي گڏيل مذهب ۽ قدرن تي ٻڌل آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان قطر جو سدائين هر مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏنو ۽ ڏيندو رهندو. ملاقات ۾ خطي جي مختلف ملڪن تي اسرائيل جي بنا جواز حملن، مسلسل جارحيت ۽ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ مشاورت ڪئي وئي.











