صدر پاران خيبرپختونخواهه ۾ ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبرپختونخواهه ۾ ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته هٿياربند فوج جي جرئت ۽ پيشيواراڻي صلاحيت قوم جو تحفظ ڪري رهي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ڀارتي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي. تازي آپريشنز ۾ …

اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبرپختونخواهه ۾ ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته هٿياربند فوج جي جرئت ۽ پيشيواراڻي صلاحيت قوم جو تحفظ ڪري رهي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ڀارتي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي. تازي آپريشنز ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج جا 19 دهشتگرد ماريا ويا. صدر دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ سيڪيورٽي فورسز جي سلامتي ۽ ڪاميابي جي لاءِ دعا ڪئي.

مزید خبریں