ميجر عدنان شهيد جهڙن بهادر جوانن جي هُوندي ڪا به طاقت پاڪستان کي شڪست نه ٿي ڏئي سگهي: بئريسٽر دانيال چوڌري

راولپنڊي – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته پاڪستان ۾ جيستائين ميجر عدنان شهيد جهڙا ارڏا ۽ بهادر جوان موجود آهن، ڪا به طاقت پاڪستان کي شڪست نه ٿي ڏئي سگهي، شهيد اسان جي تاريخ جو روشن باب آهن جن پنهنجون جانيون قربان ڪري ملڪ کي محفوظ بڻايو، شهيد جي خاندان جنهن بهادري ۽ حوصلي جو مظاهرو ڪيو …

راولپنڊي – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته پاڪستان ۾ جيستائين ميجر عدنان شهيد جهڙا ارڏا ۽ بهادر جوان موجود آهن، ڪا به طاقت پاڪستان کي شڪست نه ٿي ڏئي سگهي، شهيد اسان جي تاريخ جو روشن باب آهن جن پنهنجون جانيون قربان ڪري ملڪ کي محفوظ بڻايو، شهيد جي خاندان جنهن بهادري ۽ حوصلي جو مظاهرو ڪيو آهي اهو پوري قوم جي لاءِ مشعل راهه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميجر عدنان اسلم شهيد جي گهرڀاتين سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي مسلم ليگ (ن) راولپنڊي جو سينيئر اڳواڻ چوڌري تنوير، شهيد جو والد محمد اسلم، سندس ڀاءُ ۽ ٻيا گهرڀاتي پڻ موجود هئا. پارلياماني سيڪريٽري شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ چيو ته پاڪ فوج جي ملڪ ۽ قوم جي تحفظ جي لاءِ ڏني ويندڙ قربانين کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. هن چيو ته قوم پنهنجي شهيدن جي مقروض آهي ۽ انهن جي رت جي ڪري پاڪستان سدائين قائم رهندو.

مزید خبریں