ريناله خورد ريلوي اسٽيشن ويجهو مال گاڏي حادثي جو شڪار، اسسٽنٽ ڊرائيور فوت، ريلوي واري وزير نوٽيس ورتو

لاهور-11 سيپٽمبر (اي پي پي) ريناله خورد ريلوي اسٽيشن ويجهو مال گاڏي حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ اسسٽنٽ ڊرائيور امتياز  ٿڏي تي فوت ٿي ويو. ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي فوت ٿيل ملازم جي وارثن سان دلي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ريلوي واري وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته انساني جان جو ڪو به متبادل ناهي، چاهي اهو …

لاهور-11 سيپٽمبر (اي پي پي) ريناله خورد ريلوي اسٽيشن ويجهو مال گاڏي حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ اسسٽنٽ ڊرائيور امتياز  ٿڏي تي فوت ٿي ويو. ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي فوت ٿيل ملازم جي وارثن سان دلي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ريلوي واري وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته انساني جان جو ڪو به متبادل ناهي، چاهي اهو ڪنهن مسافر جو هجي يا ملازم جو. هن حادثي جا سبب ڄاڻڻ لاءِ ٽن ڏينهن ۾ جاچ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي واضح ڪيو ته ڪوتاهي ڪندڙ ڌرين کي سخت سزا ڏئي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. ريلوي واري وزارت موجب لاهور کان روانو ٿيل رليف ريل حادثي واري هنڌ تي امدادي ڪاررواين ۾ مصروف آهي ته جيئن متاثر ٽريڪ کي جلد کان جلد ڪليئر ڪري ۽ ريلويز جي آمدرفت بحال ڪري سگهجي.

مزید خبریں