دوحا – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي قيادت کي اسرائيل جي بنا جواز اشتعال انگيزي جي خلاف پاڪستان پاران مڪمل يڪجهتي ۽ حمايت جو يقين ڏياريندي چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ اسرائيل جي جاري جارحيت کي روڪڻو پوندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف دوحا تي تازي اسرائيلي حملي جي ڏس ۾ قطر جي قيادت ۽ عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ قطر جو هڪ …
وزيراعظم جي قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات، وچ اوڀر ۾ اسرائيل جي جاري جارحيت کي روڪڻو پوندو: محمد شهباز شريف

مزید خبریں
دوحا – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي قيادت کي اسرائيل جي بنا جواز اشتعال انگيزي جي خلاف پاڪستان پاران مڪمل يڪجهتي ۽ حمايت جو يقين ڏياريندي چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ اسرائيل جي جاري جارحيت کي روڪڻو پوندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف دوحا تي تازي اسرائيلي حملي جي ڏس ۾ قطر جي قيادت ۽ عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ قطر جو هڪ ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪيو. دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات ٿي. ڪالهه خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم 9 سيپٽمبر تي دوحا تي اسرائيلي حملي جي پاڪستان پاران شديد مذمت ڪندي ان کي قطر جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي کليل خلاف ورزي قرار ڏنو. هن چيو ته پاڪستان جي قيادت ۽ عوام کي ڀائر ملڪ قطر جي خلاف ان حملي تي سخت ڳڻتي آهي جيڪو عالمي قانونن جي خلاف آهي. پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻي رشتن جو ورجاءُ ڪندي وزيراعظم چيو ته ٻئي ملڪ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل آهن، ڀائيچاري جي ان جذبي تحت پاڪستان هن مشڪل وقت ۾ قطر جي امير، شاهي خاندان ۽ قطر جي ڀائر عوام سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهيو آهي. هن قطري قيادت کي ان بنا جواز اشتعال انگيزي جي خلاف پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي ۽ حمايت جو يقين ڏياريو. هن اسرائيل جي ان وحشياڻي ۽ ڪڌي حملي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهري همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته وچ اوڀر ۾ اسرائيل جي جاري جارحيت کي روڪڻو پوندو ۽ امت کي اسرائيلي اشتعال انگيزين جي مقابلي ۾ پنهنجي صفن ۾ اتحاد جي ضرورت آهي. وزيراعظم غزه ۾ امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ قطر جي ذميواراڻي ۽ تعميري ثالثي جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسرائيلي جارحيت جي اهڙي ڪاررواين جو مقصد واضح طور تي علائقائي استحڪام کي نقصان پهچائڻ ۽ جاري سفارتي ۽ انساني ڪوششن کي خطرو آهي. وزيراعظم چيو ته قطر جي درخواست تي پاڪستان وچ اوڀر جي تازي اڳڀرائي تي ڳالهه ڪرڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس گهرائڻ جي درخواست ڪئي هئي. هن 15 سيپٽمبر تي غيرمعمولي عرب اسلامي سربراهي اجلاس جي ميزباني جي قطر جي فيصلي جي پڻ آجيان ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان او آءِ سي کي ان سربراهي اجلاس جي شريڪ اسپانسر ۽ شريڪ انعقاد جي لاءِ پنهنجي رضامندي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم هلندڙ سال جي شروع ۾ ڀارت جي پاڪستان تي بناز جواز جارحيت دوران پاڪستان جي لاءِ قطر جي ڀرپور حمايت تي قطر جي امير جا ٿورا پڻ مڃيا. قطر جي امير يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ دوحا جو دورو ڪرڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جا ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن علائقائي امن کي فروغ ڏيڻ، عالمي قانون جي پاسداري ۽ فلسطيني عوام جي جائز حقن جي حمايت ۾ ويجهي هم آهنگي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. ان دوري ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ گهري ڀائراڻي لاڳاپن ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏيل عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو.











