وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جو هڪ ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري وطن واپس روانو

دوحا – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جو هڪ ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري وطن واپس روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دوحا ۾ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم دوحا تي بنا جواز اسرائيلي جارحيت ۽ عالمي قانونن جي واضح طور مُخالف حملي جي ڏس ۾ قطر جي امير …

دوحا – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جو هڪ ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري وطن واپس روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دوحا ۾ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم دوحا تي بنا جواز اسرائيلي جارحيت ۽ عالمي قانونن جي واضح طور مُخالف حملي جي ڏس ۾ قطر جي امير ۽ قطر جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم قطر ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پراڻي تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جو ذڪر ڪيو جيڪي گڏيل مذهب ۽ قدرن تي ٻڌل آهي.  وزيراعظم چيو ته پاڪستان قطر جو سدائين هر مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏنو ۽ ڏيندو رهندو. ملاقات ۾ اسرائيل جي خطي جي مختلف ملڪن تي بنا جواز حملن ۽ مسلسل جارحيت سان گڏوگڏ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ مشاورت ڪئي وئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا.

مزید خبریں