وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي گادي واري شهر دوحا پهچي ويو

دوحا – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي گادي واري شهر دوحا پهچي ويو. دوحا ايئرپورٽ تي قطر جي نائب وزيراعظم ۽ دفاع واري مملڪتي وزير شيخ سعود بن عبدالرحمان بن حسن الثاني وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو …

دوحا – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي گادي واري شهر دوحا پهچي ويو. دوحا ايئرپورٽ تي قطر جي نائب وزيراعظم ۽ دفاع واري مملڪتي وزير شيخ سعود بن عبدالرحمان بن حسن الثاني وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون طارق فاطمي وزيراعظم سان گڏ پاڪستاني وفد ۾ شامل آهن. هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران وزيراعظم قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم دوحا تي بنا جواز اسرائيلي جارحيت ۽ عالمي قانونن جي واضح خلاف  حملي جي ڏس ۾ قطر جي امير ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندو. بيان موجب قطر ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پراڻا تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل عقيدي ۽ قدرن تي ٻڌل آهن. پاڪستان قطر جو سدائين هر مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏنو ۽ ڏيندو رهندو، ان جو اظهار وزيراعظم قطر جي امير سان ملاقات ۾ ڪندو. ملاقات ۾ اسرائيل جي خطي جي مختلف ملڪن تي بنا جواز حملن ۽ مسلسل جارحيت سان گڏوگڏ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ مشاورت ٿيندي.

مزید خبریں