اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چين جي حڪومت جي دعوت تي 12 کان 21 سيپٽمبر 2025ع تائين چين جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب صدر پنهنجي چين جي دوري دوران چينگڊو، شنگهائي، سنڪيانگ ۽ ايغور سميت مختلف علائقن جو دورو ڪندو ۽ اتي چين جي صوبائي قيادت سان ملاقاتون ڪندو. سندس ملاقاتن ۾ پاڪستان ۽ چين جي ٻطرفي …
صدر آصف علي زرداري 12 کان 21 سيپٽمبر 2025ع تائين چين جو دورو ڪندو

مزید خبریں
اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چين جي حڪومت جي دعوت تي 12 کان 21 سيپٽمبر 2025ع تائين چين جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب صدر پنهنجي چين جي دوري دوران چينگڊو، شنگهائي، سنڪيانگ ۽ ايغور سميت مختلف علائقن جو دورو ڪندو ۽ اتي چين جي صوبائي قيادت سان ملاقاتون ڪندو. سندس ملاقاتن ۾ پاڪستان ۽ چين جي ٻطرفي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي جن ۾ خصوصي طور تي اقتصادي ۽ واپاري تعاون، پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) ۽ مستقبل جا رابطاڪاري جا منصوبا شامل هوندا. ٻئي ملڪ گهڻ رخي فورمز تي ٻطرفي تعاون بابت پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. صدر جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جو تسلسل آهي جيڪو هر طرح جي حالتن ۾ اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ٻنهي طرفن جي خواهش ۽ عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. هي دورو سي پيڪ سميت اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي اڳتي وڌائڻ ۽ علائقائي امن، ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ گڏيل عزم اجاگر ڪرڻ جي لاءِ گڏيل تعاون جو ورجاءُ ڪري ٿو.











