اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خاص صلاحڪار هارون اختر خان چيو آهي ته ٽريڪٽر سازي جي پاليسي سان لاڳاپيل حصيدارن سان صلاح مشوري کي يقيني بڻايو ويندو. هن اها ڳالهه ملت ٽريڪٽرز جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر سان ملاقات دوران چئي، جنهن ۾ جامع ٽريڪٽر پاليسي جي تياري تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران ريگوليٽري ڊيوٽيز، روانگي واپار ۽ ٽريڪٽر انڊسٽري کي درپيش مسئلن …
ٽريڪٽر سازي جي پاليسي سان لاڳاپيل حصيدارن سان صلاح مشوري کي يقيني بڻايو ويندو: هارون اختر خان

مزید خبریں
اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خاص صلاحڪار هارون اختر خان چيو آهي ته ٽريڪٽر سازي جي پاليسي سان لاڳاپيل حصيدارن سان صلاح مشوري کي يقيني بڻايو ويندو. هن اها ڳالهه ملت ٽريڪٽرز جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر سان ملاقات دوران چئي، جنهن ۾ جامع ٽريڪٽر پاليسي جي تياري تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران ريگوليٽري ڊيوٽيز، روانگي واپار ۽ ٽريڪٽر انڊسٽري کي درپيش مسئلن تي پڻ تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون، هارون اختر خان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن تحت تازو ئي تيار ڪيل صنعتي پاليسي کانپوءِ هاڻي ٽريڪٽر پاليسي ايندڙ قدم هوندو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاليسي سازي جي عمل ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي شامل ڪيو ويندو ته جيئن پاليسي جامع ۽ اثرائتي ٿي سگهي،. ٽريڪٽر انڊسٽري تي روشني وجهندي هن چيو ته اها انڊسٽري آبادگارن پاڪستان جي زرعي معيشت لاءِ ڪرنگهي واري حيثيت رکي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايتن تي پاڪستان نئين صنعتي انقلاب طرف وڌي رهيو آهي.











