اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته مون کي يقين آهي ته قائداعظم جي تعليم تي عمل ڪريون ته اسان هڪ مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان ٺاهي سگهون ٿا، قائداعظم رڳو هڪ ملڪ قائم نه ڪيو پر هڪ قوم کي ان جي سڃاڻپ، عزت ۽ آزادي سان جيئڻ جو حق ڏنو، هو هڪ اهڙي پاڪستان جو خواب رکندو هو جيڪو انصاف، برابري، ڀائيچاري …
مون کي يقين آهي ته قائداعظم جي تعليم تي عمل ڪريون ته اسان هڪ مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان ٺاهي سگهون ٿا: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته مون کي يقين آهي ته قائداعظم جي تعليم تي عمل ڪريون ته اسان هڪ مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان ٺاهي سگهون ٿا، قائداعظم رڳو هڪ ملڪ قائم نه ڪيو پر هڪ قوم کي ان جي سڃاڻپ، عزت ۽ آزادي سان جيئڻ جو حق ڏنو، هو هڪ اهڙي پاڪستان جو خواب رکندو هو جيڪو انصاف، برابري، ڀائيچاري ۽ جمهوريت جي بنيادن تي قائم هجي، سندس خواب هڪ ترقي پسند، جامع ۽ مستقبل طرف گامزن رياست جو هو جتي هر شهري ڀلي ان جو تعلق ڪنهن به مذهب، ذات يا نسل سان هجي برابر جي حقن ۽ موقعن مان فائدو کڻي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي 77هين ورسيءَ 11 سيپٽمبر 2025ع جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جي 77هين ورسيءَ جي موقعي تي اسان باني پاڪستان کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، هو اهڙو عظيم اڳواڻ هو جنهن جي غيرمعمولي بصيرت، اڻٿڪ عزم ۽ اصولي قيادت تاريخ جي ڌارا کي بدلائي ڇڏيو. صدر چيو ته اڄ اسان سندس ٿورا ادا ڪريون ٿا ته هن ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي لاءِ هڪ جدا وطن قائم ڪيو، جتي اسان پنهنجي زندگين کي پنهنجي عقيدن، امنگن ۽ اسلامي اصولن موجب گذاري سگهون ٿا ۽ سماجي ۽ معاشي انصاف جي اصولن کي فروغ ڏئي سگهون ٿا. صدر چيو ته قائداعظم رڳو هڪ ملڪ قائم نه ڪيو پر هڪ قوم کي ان جي سڃاڻپ، عزت ۽ آزادي سان جيئڻ جو حق ڏنو، هو هڪ اهڙي پاڪستان جو خواب رکندو هو جيڪو انصاف، برابري، ڀائيچاري ۽ جمهوريت جي بنيادن تي قائم هجي. صدر چيو ته قائداعظم جو خواب هڪ ترقي پسند، جامع ۽ مستقبل طرف گامزن رياست جو هو، جتي هر شهري، ڀلي ان جو تعلق ڪنهن به مذهب، ذات يا نسل سان هجي، برابر جي حقن ۽ موقعن مان فائدو کڻي. هن چيو ته اڄ ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن سان آر ايس ايس جي اثر هيٺ حڪومت جي رويي هڪ ڀيرو ٻيهر ان حقيقت کي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح جو پيش ڪيل ٻه قومي نظريو بلڪل صحيح هو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڻ ڀارت جي اقليت ان ڳالهه کي تسليم ڪري رهي آهي ته انهن جا مذهبي، سياسي ۽ سماجي حق هاڻي محفوظ ناهن رهيا، اهي حالتون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته پاڪستان جو قيام هڪ تاريخي ۽ لازمي فيصلو هو. صدر چيو ته اڄ پاڪستان هڪ فيصلائتي موڙ تي بيٺل آهي، اسان کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، جن ۾ معاشي مشڪلاتن، موسمياتي تبديلين جي اثرن، سماجي اڻبرابري، انتهاپسندي ۽ اداراجاتي سڌارن جي سخت ضرورت شامل آهي جڏهن ته اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته اسان پهرين نسل نه آهيون جو آزمائش مان گذري رهي آهي، اسان کي تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خاص طور تي قائداعظم کان حوصلو ۽ رهنمائي حاصل ڪرڻ گهرجي جن انتهائي مشڪل حالتن ۾ اتحاد، عزم ۽ مقصد سان ڪاميابي حاصل ڪئي. صدر چيو ته اچو ان ڏينهن اسان پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون ته اسان ان پاڪستان جي تعمير ڪنداسين جنهن جو خواب قائداعظم ڏٺو هو، هڪ جمهوري رياست، جتي قانون جي حڪمراني هجي ۽ ادارا عوام آڏو جوابده هجن. صدر آصف علي زرداري چيو ته اسان کي هڪ اهڙو ملڪ ٺاهڻو آهي جتي ڪو به پٺتي نه رهجي وڃي، جتي اسان جي نوجوانن جي لاءِ موقعا هجن، عورتون بااختيار هجن ۽ اقليتن کي مڪمل عزت ۽ تحفظ حاصل هجي. صدر آصف علي زرداري چيو ته اها اسان جي گڏيل ذميواري آهي ۽ قائداعظم جا رهنما اصول اتحاد، ايمان ۽ قرباني اسان کي ان سفر ۾ رهنمائي فراهم ڪن ٿا. هن چيو ته قائد جا نظريا اڄ به ايترا ئي اهم ۽ موثر آهن جيترا 1947ع ۾ هئا. صدر چيو ته جيڪڏهن اسان ان جي ويزن کي سچي نيت ۽ عملي قدمن جي ذريعي اختيار ڪريون، ته ڪو چئلينج اهڙو نه آهي جنهن تي ضابطو نه ٿو آڻي سگهجي. صدر آصف علي زرداري چيو ته مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن اسان قائداعظم جي تعليم تي عمل ڪريون ته اسان هڪ مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان ٺاهي سگهون ٿا.











