باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح انتهائي اڻوڻندڙ حالتن ۾ پنهنجي سياسي بصيرت ۽ قائداڻي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ جدا وطن حاصل ڪيو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح انتهائي اڻوڻندڙ حالتن ۾ پنهنجي سياسي بصيرت ۽ قائداڻي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي لاءِ جدا وطن حاصل ڪيو، پاڪستان دنيا جي نقشي تي پهرين اسلامي نظرياتي رياست آهي، ايندڙ نسلن جي لاءِ قائداعظم جي تعليم ۽ رهنمائي پهچائڻ به اسان جي گڏيل ذميواري …

اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح انتهائي اڻوڻندڙ حالتن ۾ پنهنجي سياسي بصيرت ۽ قائداڻي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي لاءِ جدا وطن حاصل ڪيو، پاڪستان دنيا جي نقشي تي پهرين اسلامي نظرياتي رياست آهي، ايندڙ نسلن جي لاءِ قائداعظم جي تعليم ۽ رهنمائي پهچائڻ به اسان جي گڏيل ذميواري آهي، اچو بحيثيت قوم قائداعظم جي مدبراڻي سياسي رهنمائي، نظرياتي اصولن ۽ ايمان، اتحاد ۽ يقين محڪم تحت نظام رياست هلائڻ جو وچن ڪريون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي 77هين ورسيءَ تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي 77هين ورسيءَ تي سندس بي مثال سياسي قيادت ۽ بي لوث قومي رهنمائي تي پورو ملڪ کيس خراج عقيدت پيش ڪري ٿو، قائداعظم محمد علي جناح دنيا جي تاريخ جو اهو عظيم اڳواڻ آهي جنهن انتهائي اڻوڻندڙ حالتن ۾ پنهنجي سياسي بصيرت ۽ قائداڻي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي لاءِ جدا وطن حاصل ڪيو. هن چيو ته قائداعظم ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي سياسي ۽ مذهبي حقن، معاشي ۽ معاشرتي ترقي ۽ انهن جي ثقافت جي تحفظ جي لاءِ هڪ آزاد ملڪ جي لاءِ پرخلوص جدوجهد ڪئي، الله تعاليٰ قائداعظم جي قيادت ۾ آزادي جي جدوجهد کي ڪامياب ڪيو ۽ مسلمانن کي پاڪستان جي صورت ۾ هڪ آزاد رياست جي نعمت سان نوازيو، پاڪستان جو قائم ٿيڻ تاريخ ۾ ان لاءِ به منفرد ۽ نمايان حيثيت رکي ٿو ڇو ته اهو دنيا جي نقشي تي پهرين اسلامي نظرياتي رياست آهي. هن چيو ته ورڇ وقت سامهون ايندڙ بي پناهه چئلينجن جي باوجود، جن ۾ لکين ماڻهن جي لڏپلاڻ، وسيلن جي کوٽ ۽ انتظامي رڪاوٽون شامل هيون، هن مضبوط پاڪستان جو بنياد رکيو ۽ قوم ۾ اڳتي وڌڻ جو اعتماد ۽ حوصلو پيدا ڪيو، قائداعظم رياست پاڪستان جو بنياد مڃيل اصولن تي رکيو جنهن ۾ مذهبي آزادي، هڪ جهڙن بنيادي حقن، جمهوريت ۽ انصاف ۽ سمورن مذهبي اقليتن جي لاءِ برابري سرفهرست آهي. هن چيو ته قائداعظم جي سياسي ميراث ۾ ئي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ ڀلائي جو راز لڪل آهي، پاڪستان کي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شامل ۽ صحيح معنيٰ ۾ اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي منزل جي لاءِ پوري قوم جي گڏيل ڪوشش گهربل آهي، پاڪستان جي ايندڙ نسلن جي لاءِ قائداعظم جي تعليم ۽ رهنمائي پهچائڻ به اسان جي گڏيل ذميواري آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ جو ڏينهن ان ڳالهه جو گهرجائو آهي ته اسان بحيثيت قوم قائداعظم جي مدبراڻي سياسي رهنمائي، نظرياتي اصولن ۽ ايمان، اتحاد ۽ يقين محڪم تحت نظام رياست هلائڻ جو وچن ڪريون، پوري پاڪستاني قوم دعاڳو آهي ته الله تعاليٰ باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جا درجا بلند ڪري ۽ اسان کي بحيثيت قوم سندس ٻڌايل رستي تي عمل ڪرڻ جي توفيق ڏي.

مزید خبریں