اسلام آباد-11 سيپٽمبر(اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ عوامي رابطن، تعليمي مٽاسٽا، واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن سميت ٻطرفن لاڳاپن جي مثبت رُخ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل تاريخ، ثقافتي رابطن ۽ گهري وابستگي تي ٻڌل آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار هتي بنگلاديش جي مذهبي …
وزيراعظم پاران پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي مثبت رُخ تي اطمينان جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد-11 سيپٽمبر(اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ عوامي رابطن، تعليمي مٽاسٽا، واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن سميت ٻطرفن لاڳاپن جي مثبت رُخ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل تاريخ، ثقافتي رابطن ۽ گهري وابستگي تي ٻڌل آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار هتي بنگلاديش جي مذهبي معاملن جي صلاحڪار ڊاڪٽر اي ايف ايم خالد حسين سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. پاڪستان ۾ بنگلاديش جو هاءِ ڪمشنر محمد اقبال حسين خان پڻ ساڻس گڏ هو. وزيراعظم ڊاڪٽر خالد حسين ۽ سندس وفد جو استقبال ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا گڏيل تاريخ، ثقافتي لاڳاپن ۽ گهري وابستگي تي ٻڌل آهن. ٻطرفي لاڳاپن جي مثبت رخ تي اطمينان جو اظهار ڪندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. نيويارڪ ۽ قاهره ۾ ٿيل ملاقاتن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيف ايڊوائيزر پروفيسر محمد يونس جي دُور انديش قيادت ۽ غربت جي خاتمي ۾ سندس ڪردار سان گڏوگڏ پاڪستان-بنگلاديش جي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جي خواهش کي ساراهيو. ڊاڪٽر خالد حسين چيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جا ڀائراڻا لاڳاپا تاريخي رابطن ۽ گڏيل مذهب سان ڳنڍيل آهن. ڊاڪٽر خالد حسين وزيراعظم محمد شهباز شريف کي چيف ايڊوائيزر پروفيسر محمد يونس جو هڪ خط پڻ ڏنو، جنهن ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب جاني ۽ مالي نقصان تي تعزيت جو اظهار ۽ مدد جي آڇ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ سڌي طرح اُڏامن جي جلد بحالي جي امڪانن تي به بحث ڪيو ويو. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ملڪ ٻطرفي لاڳاپن ۾ موجوده رفتار کي برقرار رکڻ لاءِ اعليٰ سطحي دورن جي مٽاسٽا جاري رکندا. ان سلسلي ۾ وزيراعظم بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت کي ورجايو. بنگلاديشي صلاحڪار پُڻ چيف ايڊوائيزر ۽ حڪومت پاران وزيراعظم کي بنگلاديش جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني.











