قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران ڀارتي سرپرستي ۾ دهشتگردي پکيڙيندڙ خوارجين جي خاتمي تي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش

اسلام آباد-11 سيپٽمبر(اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق خيبرپختونخوا ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪاررواين تي خراج تحسين پيش ڪندي ڀارتي سرپرستي ۾ دهشتگردي پکيڙيندڙ خوارجين جي خاتمي تي فورسز کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري پنهنجي پيغام ۾ اسپيڪر چيو ته دهشتگردي خلاف پاڪ فوج، عوام ۽ پارليامينٽ هڪ پيج تي آهن، سڄي ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام جي قيام …

اسلام آباد-11 سيپٽمبر(اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق خيبرپختونخوا ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪاررواين تي خراج تحسين پيش ڪندي ڀارتي سرپرستي ۾ دهشتگردي پکيڙيندڙ خوارجين جي خاتمي تي فورسز کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري پنهنجي پيغام ۾ اسپيڪر چيو ته دهشتگردي خلاف پاڪ فوج، عوام ۽ پارليامينٽ هڪ پيج تي آهن، سڄي ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام جي قيام لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. سردار اياز صادق 19 ڀارتي حمايت يافته خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته ڀارتي سرپرستي ۾ تخريبڪاري ڪندڙ عنصر جلد پنهنجي انجام تي پهچندا، پاڪستاني عوام ۽ سيڪيورٽي ادارا دهشتگردن خلاف شيهي جي ديوار آهن. هن جو چوڻ هو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ قوم جو پختو عزم ساراهه جوڳو آهي، پوري قوم ۽ پارليامينٽ دهشتگردي خلاف قومي سلامتي جي ادارن سان گڏ آهن.

مزید خبریں