پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي جو رجحان جاري، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 445.03 پوائنٽ اضافي سان 157465.82 پوائنٽس تي پهچي ويو

اسلام آباد-11 سيپٽمبر(اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ خميس تي مسلسل چوٿين ڏينهن ڪاروباري ۾ تيزي جو رجحان رهيو ۽  ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 445.03 پوائنٽس اضافي کانپوءِ 157465.82 پوائنٽس تي پهچي ويو جيڪو نئون رڪارڊ آهي. ڪاروبار جي شروعات ئي مارڪيٽ ۾ تيزي رهي، ورلڊ ڪال ٽيلي ڪام، ڪي اليڪٽرڪ، لوٽي ڪيميڪلز، سوئي سدرن ۽ فرسٽ نيشنل ايڪويٽيز جي شيئرز ۾ وڌيڪ دلچسپي ڏسڻ ۾ آئي، منجهند …

اسلام آباد-11 سيپٽمبر(اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ خميس تي مسلسل چوٿين ڏينهن ڪاروباري ۾ تيزي جو رجحان رهيو ۽  ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 445.03 پوائنٽس اضافي کانپوءِ 157465.82 پوائنٽس تي پهچي ويو جيڪو نئون رڪارڊ آهي. ڪاروبار جي شروعات ئي مارڪيٽ ۾ تيزي رهي، ورلڊ ڪال ٽيلي ڪام، ڪي اليڪٽرڪ، لوٽي ڪيميڪلز، سوئي سدرن ۽ فرسٽ نيشنل ايڪويٽيز جي شيئرز ۾ وڌيڪ دلچسپي ڏسڻ ۾ آئي، منجهند 12 وڳي تائين مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 490809234 شيئر جي ڏي وٺ ٿي جن جي ماليت 21.41 ارب روپيا رڪارڊ ڪئي وئي. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 57.28 پوائنٽ اضافي کانپوءِ 48137.69 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات جو ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 15.28 پوائنٽ گهٽتائي کانپوءِ 230735.28 پوائنٽس جي پهچي ويو.

مزید خبریں