اطلاعات واري وزارت دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف عوامي شعور بيدار ڪرڻ جي لاءِ ”بولو“ مهم جي شروعات ڪري رهي آهي جنهن جو مقصد شهرين کي ان لعنت جي خلاف آواز اٿارڻ جي ترغيب ڏيڻ آهي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته اطلاعات واري وزارت دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف عوامي شعور بيدار ڪرڻ جي لاءِ ”بولو“ مهم جي شروعات ڪري رهي آهي جنهن جو مقصد شهرين کي ان لعنت جي خلاف آواز اٿارڻ جي ترغيب ڏيڻ آهي. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ سينيٽر سيد علي ظفر جي صدارت ۾ سينيٽ جي …

اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته اطلاعات واري وزارت دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف عوامي شعور بيدار ڪرڻ جي لاءِ ”بولو“ مهم جي شروعات ڪري رهي آهي جنهن جو مقصد شهرين کي ان لعنت جي خلاف آواز اٿارڻ جي ترغيب ڏيڻ آهي. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ سينيٽر سيد علي ظفر جي صدارت ۾ سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ”بولو“ مهم جو مقصد شهرين کي دهشتگردي جي خلاف آواز اٿارڻ جي قابل بڻائڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ  هن وقت وڏين تبديلين جي عمل مان گذري رهيو آهي، دهشتگردي کي منهن ڏيڻ کان وٺي ٽيڪس چوري جي خاتمي جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ڊگهي عرصي کان ڪاروباري ڏيتي ليتي غيررسمي طور تي هٿ سان لکيل پرچين تي ڪئي ويندي رهي آهي. ان رجحان جي خاتمي لاءِ فيڊرل بورڊ آف روينيو عوامي آگاهي مهم شروع ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻن صفحن تي ٻڌل سادو ٽيڪس ريٽرن فارم متعارف ڪرايو آهي ته جيئن ٽيڪس نظام کي آسان بڻائي سگهجي جنهن جو مقصد مالي ڏيتي ليتي جي باضابطا دستاويز کي فروغ ڏيندي شفافيت کي يقيني بڻائڻ آهي. وفاقي وزير ٻڌايو ته پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) ۾ روينيو وڌائڻ جي لاءِ سڌارا جاري آهن جن ۾ ايشيا ڪپ جهڙن وڏن ايونٽس جي سڌوسنئون نشريات شامل آهي ته جيئن ڏورانهن علائقن ۾ ناظرين کي نشريات تائين پهچ يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته فنانس ڊويزن کان گرانٽس کانپوءِ مالي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ پگهارن ۽ رهتن جي ادائيگي ممڪن ٿي سگهي آهي جڏهن ته وزيراعظم روينيو ۾ وڌيڪ اضافي جي هدايت ڪئي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاور ڊويزن جي سفارشن تي بجلي جي بلن ۾ وصول ڪئي ويندڙ 35 رپيا ٽي وي فيس ختم ڪئي وئي آهي. هن ان موقعي تي بي بي سي جي لائسنسنگ ماڊل جو حوالو ڏيندي چيو ته سڄي دنيا ۾ عوامي نشرياتي ادارن جي معاونت جي لاءِ مختلف طريقا اختيار ڪيا وڃن ٿا. هن چيو ته پي ٽي وي جا اينڪرز ميرٽ تي مقرر ڪيا وڃن ٿا ۽ انهن کي مخالف ڌر پارٽين جي نمائندن کي گهرائڻ جي آزادي حاصل آهي. وفاقي وزير تجويز پيش ڪئي ته سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي تحت ذيلي ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا اليڪٽرانڪ ميڊيا جي صحافين جي نوڪرين جي تحفظ ۽ رهتن جي ادائيگي بابت موجوده قانونن جو جائزو وٺي. تجويز ڪيل ذيلي ڪميٽي موجوده قانونسازي ۾ موجود خامين جو جائزو وٺندي ۽ صحافتي تنظيمن سان مشاورت کانپوءِ جامع سڌارن جي سفارش ڪندي. اطلاعات واري وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪ مضبوط قانوني فريم ورڪ لازمي آهي ته جيئن اليڪٽرانڪ ميديا جي صحافين کي بنا جواز برطرفي کان بچائي سگهجي ۽ انهن جي رهتن جي وقت سر ادائيگي يقيني بڻائي سگهجي. ڪميٽي اليڪٽرانڪ ڪرائيمز جي روڪٿام جي ايڪٽ (پيڪا) تي عملدرآمد جو جائزو ورتو. سينيٽر سيد علي ظفر صوبائي عملدارن پاران پيڪا ايڪٽ تحت داخل 378 ڪيسن کي غيرقانوني قرار ڏيندي انهن کي فوري طور تي واپس وٺڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته ڪنهن به شهري جي خلاف غيرقانوني ڪارروائي نه ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي وفاقي وزير تجويز ڏني ته صوبائي اٿارٽيز پاران اليڪٽرانڪ ڏوهن جي روڪٿام جي ايڪٽ (پيڪا) تحت غيرمجاز ڪيس داخل ڪرڻ جي معاملي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ ذيلي ڪميٽي جوڙي وڃي. هن ان حوالي سان سمورين ڌرين جي گڏيل تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. ڪميٽي تعميل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ذيلي ڪميٽي جوڙي ڇڏي. سينيٽر علي ظفر زور ڏنو ته پيڪا قانون کي صحافين يا عوام جي خلاف سينسرشپ جي هٿيار جي طور استعمال نه ڪرڻ گهرجي. ڪميٽي آڏو پيش ڪيل هڪ رپورٽ جو حوالو ڏيندي هن چيو ته ”رياست مخالف“ جي ڪيٽيگري ۾ داخل سوين ڪيسن ۾ اها وضاحت ضروري آهي ته ڪهڙا واقعي قومي سلامتي بابت آهن ۽ ڪهڙا رڳو سينسرشپ جي زمري ۾ اچن ٿا. سينيٽر علي ظفر چيو ته جيڪڏهن ڪو شخص ڏوهه ڪري ٿو ته ان جي خلاف قانون تحت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي ۽ ان کي سزا ملڻ گهرجي پر جيڪڏهن حڪومتي پاليسين تي تنقيد مثال طور ٻوڏ جي ناڪافي قدمن جي نشاندهي کي پيڪا تحت ڏوهه قرار ڏنو وڃي ته اهو قانون جو غلط استعمال هوندو. گهرو وزارت ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ته هيستائين داخل ٿيندڙ ڪنهن به ڪيس جو تعلق رياست مخالف سرگرمين سان نه آهي پر اهو نفرت انگيز ڏوهن جن ۾ اشتعال انگيزي ۽ فرقيواراڻو تشدد شامل آهي، بابت آهن. سينيٽر علي ظفر زور ڏنو ته قومي سلامتي جي تحفظ ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي وچ ۾ محتاط توازن برقرار رکڻ لازمي آهي. ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته صحافي جمهوريت جو چوٿون ٿنڀ آهن، اسان سڀني جو مقصد جمهوريت کي اڳتي وڌائڻ آهي پر سوالن کي به اخلاقي دائري ۾ رهڻ گهرجي، ڪجهه وقتن تي اسان کي اڳ کان طئي ٿيل سوالن کي پڻ منهن ڏيڻو پوي ٿو. ڪميٽي طارق علي وڪ جي معاملي تي پڻ غور ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ميمبرن کي ٻڌايو ته واقعي ۾ ملوث آفيسر کي معطل ڪيو ويو آهي جڏهن ته آر پي او راولپنڊي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ملاقات ڪري معاملو حل ڪيو. هن يقين ڏياريو ته اهو مسئلو خوش اسلوبي سان اڪلايو ويو آهي. ڪميٽي جي چيئرمين سفارش ڪئي ته هڪ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا صحافين جي سمورن مسئلن ۽ شڪايتن جو ازالو ڪري. ڪميٽي پيڪا ايڪٽ تحت داخل ڪيسن جي تفصيلن جو جائزو ورتو. عملدارن ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ 19 ڪيس داخل ڪيا ويا جنهن ۾ ڪو به صحافي شامل نه آهي. تازين ترميمن کانپوءِ صوبن کي پيڪا ڪيس داخل ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي ۽ ان نوعيت جا سمورا ڪيسز وفاقي دائره اختيار ۾ منتقل ڪيا وڃن ٿا. نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي ڪميٽي کي ٻڌايو ته سڄي ملڪ ۾ 1214 ڪيس داخل ڪيا ويا جن ۾ 10 صحافين جي خلاف، 611 مالياتي فراڊ بابت آهن جڏهن ته 320 هراسمينٽ جا ڪيسز شامل آهن. اسلام آباد ۾ داخل 19 ڪيسن ۾ ڪنهن جي گرفتاري عمل ۾ ناهي آئي. ڪميٽي پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم کانپوءِ صوبن ۾ غيرقانوني طور تي داخل ڪيسن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ سفارش ڪئي ته اهڙا سمورا ڪيس واپس ورتا وڃن جيڪي غيرمجاز اٿارٽيز داخل ڪيا هجن. ڪميٽي ان مسئلي جي حل لاءِ ذيلي ڪميٽي جوڙڻ جو پڻ فيصلو ڪيو. سينيٽر عرفان الحق صديقي هڪ مالياتي فراڊ جي نشاندهي ڪئي ته قومي اسيمبلي جي 9 ميمبرن کي سندس نالي جو غلط استعمال ڪندي جعلسازن نشانو بڻايو آهي، ميمبرن کان منهنجي نالي تي پئسا گهريا پئي ويا جنهن تي اين سي سي آءِ اي جي عملدارن تصديق ڪئي ته سينيٽر عرفان الحق صديقي جي ڪيس ۾ 13 لک رپيا برآمد ڪيا ويا آهن، چار گرفتاريون عمل ۾ اچي چڪيون آهن ۽ مرڪزي جوابدار جي گرفتاري جي لاءِ ڪوششون جاري آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته رڳو 5 مهينن ۾ واٽس ايپ هيڪنگ جي ڪيسز ۾ هڪ ڪروڙ رپين جي ريڪوري ڪئي وئي آهي. ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ويو ته ڪابينا سوشل ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي جي قاعدن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ عملي جي ڀرتي جا اشتهار جلد جاري ڪيا ويندا. ڪميٽي ايندڙ اجلاس ۾ وفاقي حڪومت جي اشتهارن جي خرچن جا تفصيلي انگ اکر طلب ڪيا آهن جيڪي 5 مارچ 2024ع کان هيستائين پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميديا تي جاري ڪيا ويا آهن. ان کان اڳ ڪميٽي سينيٽر افنان الله پاران پيش ڪيل موشن پڪچر (ترميمي) بل 2025ع تي غور ايندڙ اجلاس تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. اجلاس ۾ سينيٽرز سرمد علي، عرفان الحق صديقي، پرويز رشيد، عبدالشڪور خان، جان محمد، سيد وقار مهدي ۽ فيصل جاويد شرڪت ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ ٻيا عملدار پڻ موجود هئا.

مزید خبریں