اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان دوحه ۾اسرائيل جي اشتعال انگيز فضائي حملن جي شديد مذمت ڪري ٿو، اهو هڪ غيرقانوني فعل ۽ قطر جي خودمختياري ۽ علائقائي سلاميت جي واضح خلاف ورزي آهي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته اها بنا جواز اشتعال انگيزي فلسطين تي …
پاڪستان دوحه ۾اسرائيل جي اشتعال انگيز فضائي حملن جي شديد مذمت ڪري ٿو: اسحاق ڊار

مزید خبریں
اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان دوحه ۾اسرائيل جي اشتعال انگيز فضائي حملن جي شديد مذمت ڪري ٿو، اهو هڪ غيرقانوني فعل ۽ قطر جي خودمختياري ۽ علائقائي سلاميت جي واضح خلاف ورزي آهي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته اها بنا جواز اشتعال انگيزي فلسطين تي اسرائيل جي جاري ظلمن دوران خطي کي عدم استحڪام طرف ڌڪڻ جو هڪ ٻيو خطرناڪ قدم آهي. هن چيو ته اهو قدم خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي شديد نقصان پهچائڻ جي برابر آهي ۽ عالمي قانون ۽ قدرن جي سنگين خلاف ورزي آهي. اسحاق ڊار چيو ته ان جي ردعمل ۾ پاڪستان الجزائر ۽ صوماليه سان گڏجي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس طلب ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ته جيئن ان معاملي کي باضابطا طور تي سلامتي ڪائونسل آڏو پيش ڪيو وڃي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو وڃي ته اها قطر جي خلاف اسرائيلي جارحيت کي عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ سنگين خطرو قرار ڏي. جنيوا ۾ گڏيل قومن جي هيومن رائيٽس ڪميشن، او آءِ سي، نار تعاون ڪائونسل کان مطالبو ڪيو ته حصيدارن سان گڏجي هڪ فوري ڳالهه ٻولهه جو انعقاد ڪيو وڃي ته جيئن ڪائونسل دوحه تي اسرائيل جي بي رحماڻي حملي جي لاءِ ان کي ذميوار قرار ڏي جنهن جو مقصد جاري جنگبندي جي ڪوششن کي سبوتاز ڪرڻ آهي. پاڪستان 15 سيپٽمبر تي دوحه ۾ غيرمعمولي عرب – اسلامي سربراهي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي قطر جي فيصلي جي حمايت ڪئي ۽ او آءِ سي سيڪريٽريٽ پاڪستان جي سربراهي ۾ ڪانفرنس جي گڏيل صدارت ۽ گڏيل انعقاد جي لاءِ تياري جو باضابطا طور تي اعلان ڪيو آهي ته جيئن اسرائيلي جارحيت جي خلاف متحده عرب – اسلامي ردعمل کي يقيني بڻائي سگهجي. پاڪستان قطر جي قيادت، حڪومت ۽ ڀائر عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ عالمي برادري تي زور ڏي ٿو ته گڏجي اسرائيلي خلاف ورزين جي شديد مذمت ڪري.











