پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪينيڊين پارلياماني فرينڊشپ گروپ قائم ڪيو وڃي: بئريسٽر دانيال چوڌري

اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري تجويز ڏني آهي ته پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪينيڊين پارلياماني فرينڊشپ گروپ قائم ڪيو وڃي. جاري بيان موجب پارليامينٽ هائوس ۾ پاڪستان ڪئناڊا پارلياماني فرينڊشپ گروپ جي اجلاس ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني تعاون کي اداراجاتي شڪل ڏيڻ جي لاءِ ڪئناڊا ۾ پڻ ڪينيڊين …

اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري تجويز ڏني آهي ته پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪينيڊين پارلياماني فرينڊشپ گروپ قائم ڪيو وڃي. جاري بيان موجب پارليامينٽ هائوس ۾ پاڪستان ڪئناڊا پارلياماني فرينڊشپ گروپ جي اجلاس ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني تعاون کي اداراجاتي شڪل ڏيڻ جي لاءِ ڪئناڊا ۾ پڻ ڪينيڊين پارلياماني فرينڊشپ گروپ قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي. قومي اسيمبلي جي ميمبر ڪنوينئر زهره ودود فاطمي جي صدارت ۾ ٿيندڙ ان اهم اجلاس ۾ پارلياماني نمائندن، پاڪستان جي ڪئناڊا بابت هاءِ ڪمشنر محمد سليم، واپار ۽ سيڙپڪاري ڪائونسلر التمش جانجوا ۽ پرڏيهي معاملن ۽ واپار وارين وزارتن جي سينيئر عهديدارن شرڪت ڪئي. بئريسٽر دانيال چوڌري پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اهو قدم ٻنهي جمهوريتن جي وچ ۾ هڪ مستحڪم پليٽ فارم جوڙيندو جيڪو نه رڳو اسان جي سفارتي حصيداري کي مضبوط ڪندو پر اسان جي متحرڪ سمنڊ پار پاڪستاني ڪميونٽي جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جو ذريعو بڻجندو. هن تجويزون پيش ڪندي چيو ته ڪئناڊا ۾ پاڪستاني شاگردن جي لاءِ هڪ مخصوص سهولتي ڊيسڪ، بهتر راند ۽ تعليمي مٽاسٽا جي پروگرامن، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ گڏيل تعاون ۽ صحت جي ميدان ۾ گڏيل تحقيق ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي جهڙا قدم شامل ڪيا. هاءِ ڪمشنر محمد سليم ان تجويز کي انتهائي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته اهو گروپ نه رڳو موجوده واپاري چئلينجز جي حل ۾ مددگار ثابت ٿيندو پر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نئين سيڙپڪاري جا دروازا پڻ کوليندو. ڊائريڪٽر جنرل (آمريڪاز) عاطيه اقبال ۽ ڊپٽي سيڪريٽري (آمريڪاز) تاج محمد موجوده ٻطرفي تعاون جي مڪينزم تي تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ تجويز ڪيل گروپ قائم ڪرڻ جي ڀرپور حمايت جو اظهار ڪيو. اجلاس جي پڄاڻي تي شرڪت ڪندڙن پارلياماني مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ، هدف تي ٻڌل واپاري قدمن کي متعارف ڪرائڻ ۽ تعليم، ٽيڪنالاجي ۽ صحت جي شعبن ۾ نئين تعاون جا رستا ڳولڻ جي لاءِ هڪ جامع عملي پلان جوڙڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں