اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان ڊاڪٽر سيد بدر هاشمي ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي ۽ پنهنجي ڪتاب ”الله اِسپيڪس ٽو يو ان قرآن“ پيش ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر قرآن پاڪ جي بهتر تفهيم کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ليکڪ جي علمي ڪوششن کي ساراهيو. هن مطالعي ۽ غور فڪر جي اهميت تي زور ڏيندي چيو …
صدر آصف علي زرداري سان ڊاڪٽر سيد بدر هاشمي جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان ڊاڪٽر سيد بدر هاشمي ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي ۽ پنهنجي ڪتاب ”الله اِسپيڪس ٽو يو ان قرآن“ پيش ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر قرآن پاڪ جي بهتر تفهيم کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ليکڪ جي علمي ڪوششن کي ساراهيو. هن مطالعي ۽ غور فڪر جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته ڪتاب ذهن سازي، قدرن جي فروغ ۽ ماڻهن کي علم ۽ دانش سان ڳنڍڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. صدر آصف علي زرداري عالمن ۽ ليکڪن تي زور ڏنو ته اهي اهڙيون ادبي خدمتون جاري رکن جيڪي علم ۾ اضافي، تنقيدي سوچ ۽ ايمان ۽ ثقافت جي گهري سمجهه پيدا ڪرڻ جو ذريعو بڻجن.











