صدر سان يونان، يورپي يونين ۽ هنگري جي نامزد سفيرن جي ملاقات، سندون پيش ڪيون

اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان يونان، يورپي يونين ۽ هنگري جي نامزد سفيرن ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي ۽ صدر کي پنهنجون سندون پيش ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ٽنهي ملڪن جي نامزد سفيرن ايوان صدر ۾ منعقد تقريب دوران صدر آصف علي زرداري کي سفارتي سندون پيش ڪيون. ايوان صدر ۾ سفارتي سندون پيش ڪرڻ جي …

اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان يونان، يورپي يونين ۽ هنگري جي نامزد سفيرن ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي ۽ صدر کي پنهنجون سندون پيش ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ٽنهي ملڪن جي نامزد سفيرن ايوان صدر ۾ منعقد تقريب دوران صدر آصف علي زرداري کي سفارتي سندون پيش ڪيون. ايوان صدر ۾ سفارتي سندون پيش ڪرڻ جي تقريب منعقد ٿي. صدر سفيرن کي ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. صدر چيو ته نئين سفيرن جو اچڻ پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو. ايوان صدر اچڻ تي هٿياربند فوج جي دستي سفيرن کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.

مزید خبریں