پاڪستان، الجزائر ۽ صوماليه پاران سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس گهرائڻ جي درخواست

اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان، الجزائر ۽ صوماليه ڀائر ملڪ قطر جي خلاف غيرقانوني ۽ اشتعال انگيز اسرائيلي جارحيت سان پيدا ٿيندڙ صورتحال تي غور جي لاءِ سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس گهرائڻ جي درخواست ڪري ڇڏي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پاڪستان ڀائر ملڪ قطر جي خلاف اسرائيل جي غيرقانوني ۽ اشتعال انگيز …

اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان، الجزائر ۽ صوماليه ڀائر ملڪ قطر جي خلاف غيرقانوني ۽ اشتعال انگيز اسرائيلي جارحيت سان پيدا ٿيندڙ صورتحال تي غور جي لاءِ سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس گهرائڻ جي درخواست ڪري ڇڏي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پاڪستان ڀائر ملڪ قطر جي خلاف اسرائيل جي غيرقانوني ۽ اشتعال انگيز جارحيت جي ڏس ۾ الجزائر ۽ صوماليه سان گڏجي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس گهرائڻ جي درخواست ڏني آهي ته جيئن ان جارحيت سان پيدا ٿيندڙ صورتحال تي غور ڪري سگهجي ۽ ان سنگين معاملي کي ايجنڊا ۾ شامل ڪري سگهجي. هن چيو ته پاڪستان قطر جي حڪومت ۽ ڀائر عوام سان پنهنجي مڪمل يڪجهتي ۽ انهن جي ڀرپور حمايت جو اظهار ڪري ٿو.

مزید خبریں