نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام سڌارن جي حوالي سان اهم اجلاس

اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام سڌارن جي حوالي سان هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، آءِ ٽي واري سيڪريٽري، ڊائريڪٽر جنرل اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس …

اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام سڌارن جي حوالي سان هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، آءِ ٽي واري سيڪريٽري، ڊائريڪٽر جنرل اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ملڪ ۾ ڊيجيٽل انفراسٽرڪچر کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ جدت کي فروغ ڏيڻ، سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ ۽ پاڪستان جي ڊيجيٽل معيشت جي تيز رفتار ترقي کي يقيني بڻائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام جو شعبو ملڪي معيشت کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ ۾ اهم حيثيت رکي ٿو. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته سيڙپڪار دوست پاليسين، جديد ٽيڪنالاجي جي فروغ ۽ نوجوانن جي لاءِ نئين موقعن جي فراهمي سان نه رڳو معاشي استحڪام ۾ اضافو ٿيندو پر پاڪستان عالمي ڊيجيٽل معيشت ۾ موثر ڪردار ادا ڪري سگهندو.

مزید خبریں