اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آئيني بينچ ۾ ٻُڌڻيءَ هيٺ سپر ٽيڪس بابت ڪيس ۾ ايف بي آر جي وڪيل جا دليل مڪمل نه ٿي سگهيا، ڪيس جي ٻُڌڻي) خميس 11 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي. سپريم ڪورٽ جي جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني آئيني بينچ ڪالهه سپر ٽيڪس بابت ڪيس جي ٻُڌڻي ڪئي. ٻُڌڻيءَ دوران نجي ڪمپنيءَ جي وڪيل مخدوم علي خان …
سپريم ڪورٽ پاران آئيني بينچ ۾ سپر ٽيڪس بابت ڪيس جي ٻُڌڻي 11 سيپٽمبر تائين ملتوي

مزید خبریں
اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آئيني بينچ ۾ ٻُڌڻيءَ هيٺ سپر ٽيڪس بابت ڪيس ۾ ايف بي آر جي وڪيل جا دليل مڪمل نه ٿي سگهيا، ڪيس جي ٻُڌڻي) خميس 11 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي. سپريم ڪورٽ جي جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني آئيني بينچ ڪالهه سپر ٽيڪس بابت ڪيس جي ٻُڌڻي ڪئي. ٻُڌڻيءَ دوران نجي ڪمپنيءَ جي وڪيل مخدوم علي خان مؤقف اختيار ڪيو ته ڏسڻو اهو آهي ته ڇا انڪم ٽيڪس قانون جون شقون آئين موجب آهن، عدالت انڪم ٽيڪس قانون کي آئين جي روشنيءَ ۾ ڏسي. ايف بي آر جي وڪيل عاصمه حامد دليل جاري رکندي چيو ته ايف بي آر لاءِ سڀ کان وڏي مشڪل مختلف هاءِ ڪورٽس جا مختلف فيصلا آهن، هڪ ئي معاملي تي هاءِ ڪورٽس جا مختلف فيصلا موجود آهن. جسٽس محمدعلي مظهر ريمارڪس ڏنا ته ان ڪيس ۾ هاءِ ڪورٽس خلاف اپيلون ئي ٻُڌي رهيا آهيون، هاءِ ڪورٽس جي فيصلن کي نظر ۾ رکندي ئي پنهنجو فيصلو ڏينداسين. ايف بي آر جي وڪيل چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ فيصلو ٻن اڳوڻن فيصلن جي بنياد تي ڏنو. جسٽس جمال خان مندوخيل پُڇاڻو ڪيو ته پارليامينٽ ٽيڪس پيئر ۾ فرق ڇو رکيو؟ وڪيل عاصمه حامد چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪا ڊيٽا ناهي گُهري. جسٽس جمال خان مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته ٽيڪس لڳائڻ جو واحد مقصد ته حڪومتي آمدني کي وڌائڻ هوندو آهي، اهڙن قدمن سان ٽيڪس پيئر جي حوصله شڪني ٿئي ٿي. جسٽس محمدعلي مظهر ريمارڪس ڏنا ته ٽيڪس جو سڄو بار آخرڪار صارف ۽ عوام تي اچي ٿو. ايف بي آر جي وڪيل چيو ته حڪومت سپر ٽيڪس صرف خاص حد جي آمدني وارن تي لڳايو. جسٽس محمدعلي مظهر ريمارڪس ڏنا ته سيمينٽ جي ٻوري هجي يا هڪ ايل اين جي، بار عام ماڻهوءَ تي اچي ٿو، ماڻهن لاءِ آسانيون پيدا ڪندا ته ڪم هلندو. ايف بي آر جي وڪيل چيو ته انڪم ٽيڪس ۽ـ سپر ٽيڪس جي تعريف ۾ فرق آهي، سپر ٽيڪس 300 ملين جي آمدنيءَ کان وڌيڪ تي لڳايو وڃي ٿو. جسٽس محمدعلي مظهر ريمارڪس ڏنا ته ڪيس صرف ايترو آهي ته ٽيڪس پيئر ۾ فرق ڇو ڪيو ويو. جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته نه فيصلن ۾ ڪارڻ آهن نه ٽيڪس ۾ فرق جا ڪارڻ ٻُڌايا ويا. جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته بجيٽ تقرير کان علاوه ڪو ٻيو دستاويز ڪيس ۾ ضروري ناهي، ٻين ٽيڪسز کي برقرار رکندي هي ٽيڪس لڳايو ويو؟ وڪيل مؤقف اختيار ڪيو ته سپر ٽيڪس هڪ خاص آمدني کان مٿي وارن 15 سيڪٽرز تي لڳايو ويو، ڪنهن ڪمپني جي وڪيل ٽيڪس ادائگي جو قدر نه هئڻ جو مؤقف اختيار نه ڪيو. بعد ۾ عدالت سپر ٽيڪس بابت ڪيس جي وڌيڪ ٻُڌڻي 11 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.











