پاڪستان ۽ بحرين پاران منشيات جي خاتمي ۽ سيڪيورٽي سهڪار سميت مختلف شعبن ۾ مفاهمتي يادداشتن تي اتفاق

اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ بحرين ٻه طرفن ناتن کي مستحڪم بنائڻ لاءِ جوائنٽ ورڪنگ گروپ جي قيام،  منشيات جي خاتمي ۽ ميوچل ليگل اسسٽنٽس، پوليس ٽريننگ ۽ اسپيشل بٽالين ٽريننگ جي شعبي ۾ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. بحرين جي گهرو وزير ليفٽيننٽ جنرل راشد بن عبدالله الخيفه جي گهرو وزارت پهچڻ تي وفاقي وزير محسن نقوي سندس آجيان ڪئي. بحرين جي …

اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ بحرين ٻه طرفن ناتن کي مستحڪم بنائڻ لاءِ جوائنٽ ورڪنگ گروپ جي قيام،  منشيات جي خاتمي ۽ ميوچل ليگل اسسٽنٽس، پوليس ٽريننگ ۽ اسپيشل بٽالين ٽريننگ جي شعبي ۾ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. بحرين جي گهرو وزير ليفٽيننٽ جنرل راشد بن عبدالله الخيفه جي گهرو وزارت پهچڻ تي وفاقي وزير محسن نقوي سندس آجيان ڪئي. بحرين جي گهرو وزير پاڪستاني هم منصب محسن نقوي سان ملاقات ڪئي. ٻنهي گهرو وزيرن وچ ۾ وفدن جي سطح تي پڻ ڳالهيون ٿيون جنهن ۾ پاڪ- بحرين ناتن، منشيات جي خاتمي، دهشتگردي جي خاتمي، ڪوسٽ گارڊز، بارڊر سيڪيورٽي ۽ پوليس جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي ملڪن دهشتگردي ۽ منشيات جي خاتمي سميت اميگريشن جي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته منشيات جي خاتمي جي شعبي ۾ سهڪار نهايت اهميت رکندڙ آهي، هي اسان جي ايندڙ نسلن جي مستقبل جو معاملو آهي، پاڪستان جي اينٽي نارڪوٽڪس فورس محدود وسيلن باوجود تمام سٺو ڪم ڪري رهي آهي.  هن ٻُڌايو ته اينٽي نارڪوٽڪس فورس 146 ملين ڊالرن جي تاريخ جي سڀ کان وڏي ريڪوري ڪئي آهي. ان اجلاس سان منشيات جي خاتمي جي شعبي ۾ گڏيل لائحه عمل تيار ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن بحرين طرفان پنهنجي سفارتخاني ۾ ڊرگ لائزن آفيسر جي مقرري کي پڻ سٺو سنوڻ قرار ڏنو. هن چيو ته بحرين ۾ رهندڙ هڪ لک 20 هزار کان مٿي پاڪستاني ڪميونٽي ٻنهي ملڪن جي ترقيءَ ۾ قدر جوڳو ڪردار ادا ڪري رهي آهي.  بحرين جي گهرو وزير جو چوڻ هو ته بحرين پاڪستان سان ڀائراڻن ناتن کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو، بحرين پاڪستان سان سمورن شعبن ۾ ناتن کي اڳتي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. جوائنٽ ورڪنگ گروپ جي قيام ۽ مفاهمتي يادداشتن تي صحيح سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار کي هٿي ملندي. ان موقعي تي بحرين جي وفد جي ميمبرن، گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري، گهرو وفاقي سيڪريٽري، گهرو ايڊيشنل سيڪريٽرين، ڊي جي اي اين ايف، ڪمانڊنٽ اين پي اي، چيف ڪمشنر ۽ آءِ جي اسلام آباد پڻ موجود هئا. اي

مزید خبریں