وزيراعظم پاران سڄي ملڪ ۾ هلندڙ سال سانوڻي ۽ ٻوڏ صورتحال جي ڏس ۾ موسمياتي ۽ زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي اصولي منظوري، وفاقي ڪابينا پيٽروليم واري وزارت جي سفارش تي صارفين کي آر ايل اين جي ڪنيڪشنز جي فراهمي جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سڄي ملڪ ۾ هلندڙ سال سانوڻي ۽ ٻوڏ صورتحال جي ڏس ۾ موسمياتي ۽ زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي اصولي منظوري جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم جي هدايت تي وفاقي ڪابينا پيٽروليم واري وزارت جي سفارش تي صارفين کي آر ايل اين جي ڪنيڪشنز جي فراهمي جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن سان صارفين کي ايل پي …

اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سڄي ملڪ ۾ هلندڙ سال سانوڻي ۽ ٻوڏ صورتحال جي ڏس ۾ موسمياتي ۽ زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي اصولي منظوري جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم جي هدايت تي وفاقي ڪابينا پيٽروليم واري وزارت جي سفارش تي صارفين کي آر ايل اين جي ڪنيڪشنز جي فراهمي جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن سان صارفين کي ايل پي جي جي ڀيٽ ۾ 30 سيڪڙو گهٽ لاڳت ۾ گئس دستياب ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف سڄي ملڪ ۾ هلندڙ سال سانوڻي ۽ ٻوڏ صورتحال جي ڏس ۾ موسمياتي ۽ زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي اصولي منظوري جو اعلان ڪيو. بيان موجب وزيراعظم چئني صوبن جي وڏن وزيرن ۽ لاڳاپيل عملدارن تي ٻڌل اجلاس جي صدارت ڪندو جنهن ۾ موسمياتي تبديلي جي اثرن کان وڌيڪ نقصانن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان مستقبل جي حڪمت عملي تي مشاورت ٿيندي. وفاقي ڪابينا کي ملڪ ۾ ٻوڏ جي موجوده صورتحال ۽ نقصانن تي بريفنگ ڏني وئي ۽ تفصيلي مشاورت کانپوءِ ايمرجنسي جي اصولي منظوري جو فيصلو ڪيو ويو. ڪابينا ميمبرن ملڪ ۾ لکين ايڪڙ زرعي زمين ۽ فصلن جي نقصانن تي روشني وڌي ۽ انفراسٽرڪچر جي بحالي ۽ زراعت ۾ ٿيندڙ نقصانن جي ازالي ۽ آبادگارن جي معاونت جي حوالي سان پڻ تجويزون ڏنيون. وفاقي ڪابينا سماجي رابطن جي ويب سائيٽس تي شهيدن ۽ پاڪ فوج جي مخالف توهين آميز مواد ۽ بيان نشر ڪرڻ جي ڀرپور لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ پاڪستان جي سرحدن جي حفاظت ۾ ڏينهن رات مصروف عمل پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي ۽ ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ عظيم قربانيون ڏيندڙ شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين کي خراج تحسين پيش ڪيو. وفاقي ڪابينا اهڙن شرپسند عنصرن جي خاتمي جي لاءِ سخت ايڪشن کڻڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته اهڙن عنصرن جي هر فورم تي حوصلا شڪني ۽ انهن جي توهين آميز مهم جو جواب اسان سڀني جي قومي ذميواري آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين جي عظيم قربانين کي ڪڏهن به نه ٿي وساري سگهي، مون سميت پوري قوم کي پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين تي فخر آهي. وفاقي ڪابينا بنون آپريشن ۾ عظيم قرباني ڏيندڙ ميجر عدنان اسلم شهيد جي درجن جي بلنديءَ لاءِ دعا ڪئي. وفاقي ڪابينا سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري جي مرحومه والده، غذائي تحفظ واري مملڪتي وزير ملڪ رشيد احمد خان جي مرحوم وڏي ڀاءُ حاجي حنيف خان ۽ اڳوڻي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي مرحوم والد آصف سنجراڻي جي مغفرت جي لاءِ پڻ دعا ڪئي. وزيراعظم گذريل ڏينهن دوحه ۾ اسرائيلي فورسز پاران غيرقانوني ۽ ڪڌي بمباري جي شديد مذمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جو زيان ٿيو ۽ ملڪيتن کي نقصان پهتو. وزيراعظم گهري همدرديءَ جو اظهار ڪندي قطر جي امير، قطري شاهي خاندان ۽ قطر جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم جي هدايت تي عوامي ريليف جي لاءِ هڪ وڏو قدم کڻندي وفاقي ڪابينا پيٽروليم واري وزارت جي سفارش تي گئس ڪنيڪشنز جي منتظر صارفين کي آر ايل اين جي ڪنيڪشنز جي فراهمي جي منظوري ڏئي ڇڏي. منظوري کانپوءِ سوئي سدرن ۽ سوئي نادرن گئس ڪمپنيون ڪنيڪشنز جي فراهمي جو عمل شروع ڪنديون. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته انهن ڪنيڪشنز جي ذريعي ملندڙ آر ايل اين جي تي صارفين جي ايل پي جي کان 30 سيڪڙو گهٽ لاڳت ايندي. وفاقي ڪابينا ريلوي واري وزارت جي سفارش تي ازبڪستان، افغانستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گڏيل فزيبلٽي اسٽڊي تي ٽه ڌريي حڪومتي فريم ورڪ معاهدي جي توثيق ڪئي وئي. ان معاهدي تي صحيحون گذريل مهيني ٿيون هيون ۽ اهو علائقائي واپار ۽ رابطاڪاري جي لاءِ هڪ اهم منصوبو آهي. ڪابينا جي توثيق ان اسٽريٽجڪ منصوبي جي تڪميل جي لاءِ حڪومتي عزم جو ورجاءُ آهي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي)، بين الحڪومتي واپاري ڏيتي ليتي (سي سي او آءِ جي سي ٽي) ۽ قانونسازي ڪيسز (سي سي ايل سي) بابت ڪابينا ڪميٽين جي فيصلن جي پڻ توثيق ڪئي.